سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

0
145
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ اڄڪلهه حادثاتي موتن جو ميدان بڻيل آهي هر روز اهڙيون خبرون ٿيون اچن جيڪي ٻڌي هنيانءُ ڇڄي ٿو پوي.هڪڙي ئي حادثي ۾ پوري جو پورو خاندان پنهجون حياتيون  وڃائي ويهي ٿو، نوري آباد ڀرسان پنهنجي اباڻن ڪکن ڏانهن ويندي بس کي باهه لڳڻ سبب سڙي فوت ٿيل ٻوڏ متاثر هڪ ئي خاندان جي 22 ڀاتين جي صدمي جهڙي خبر مان اڃا سنڌ نڪتي ئي نه هئي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وري سيوهڻ ڀرسان ويگن جي برساتي بيٺل پاڻي ۾ ڪرڻ سبب 20 ڀاتي فوت ٿي ويا .ايئن ٿو لڳي ڄڻ سنڌ ڪنهن جنگ جو ميدان بڻيل  هجي جتان روز  موت جون خبرون اچي رهيون آهن.سنڌ ۾  انتظامي غفلت، روڊن رستن جي انفرااسٽرڪچر ۽ ٽريفڪ قانون تي عمل جو اڳ ئي ٻيڙو غرق ٿيل هو وري جو برساتي ٻوڏ آئي ته انهي رهيل سهيل ڪسر به پوري ڪري ڇڏي. هاڻي ته سنڌ جا اڪثر رستا موت جا رستا بڻجي ويا آهن جتان گذرندي جيڪڏهن ڪو منزل تي پهچي ٿو ته پاڻ کي خوشقمست سمجهي ٿو نه ته حالت اهڙي آهي جو اتان بچي نڪرڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي. مٿان وري گاڏين جي فٽنيس ٽيسٽ کانسواءِ رستن تي هلڻ ٽريفڪ قانونن تي عمل نه ڪرڻ سبب به اهڙا حادثا ٿيندا رهن ٿا جڏهن ته مخلتف هنڌن تي بيٺل برساتي پاڻي به ماڻهن لاءِ موت جا کڏا کوٽي ڇڏيا آهن جنهن ڪري روز حياتيون ضايع ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي .

هڪڙي ئي ڏينهن جي اخبار ۾ ٻه خبرون لڳل آهن جنهن ۾ 8 ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن ۽ اهي فوتگيون برسات جي بيٺل پاڻي ۽ روڊ حادثي سبب ٿيون آهن پر انتظاميا توڙي حڪومت انهي پاس ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهي،ڄڻ اهو سڀ ڪجهه سنڌجي عوام جي قسمت ۾ لکيل آهي جنهن کان بچاءَ ڪرڻ حڪومت پنهنجو فرض ئي نه ٿي سمجهي.هڪڙي خبر اها آهي ته ڪراچي مان علاج بعد واپس رتوديرو ويندڙ ڪار ۾ سوار سيد ذات جي هڪ ئي ڪٽنب جا 5 ڄڻا خوفناڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويا. پکو ٿاڻي جي حد ڳوٺ طاھر مغيري وٽ مين انڊس ھاءِ وي تي ڪوھيڙي سبب ڪراچي کان ايندڙ تيز رفتار مھراڻ ڪار اڳيان ويندڙ ٽريڪٽر سان ٽڪرائجي وئي. ٻي خبر اها آهي ته راڻيپور ويجهو ڳوٺ سالاري سولنگيءَ ۾ 13 ورهين جو آزاد سولنگي ۽ سندس ڀيڻ 12سالن جي سويرا چئن مهينن کان بيٺل برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا. ٻڏي فوت ٿيل ٻارن جي وارثن ميڊيا نمائندن اڳيان دانهيندي چيو ته 4 مهينا گذرڻ کان پوءِ به برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. هوڏانهن کھڙا ۾ درگاهه موسن شاهه بخاري ڪالونيءَ واسي سينئر صحافي عبدالستار اڄڻ جو ٽن سالن جو معصوم ڀائٽيو اظھر علي پٽ عبدالجبار اڄڻ گهر اڳيان بيٺل برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. معصوم نينگر جي والد  چيو ته چار مهينا گذرڻ باوجود اڃا تائين پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب اسان جي جگر جو ٽڪرو ٻڏي فوت ٿي ويو آھي.

اسان سمجهون ٿا ته ٻئي حادثا  سڌو سنئون انتظامي غفلت ۽ قانون تي عمل درآمد نه ڪرائڻ  جو نتيجو آهي .اهو ته ٽريفڪ قانون آهي ته جتي به ڪوهيڙو هجي ۽ اڳيان ڪا شيءُ نظر نه اچي ته ٽريفڪ پوليس حرڪت ۾ اچي اتي گاڏين کي هلڻ کان روڪي ڇڏيندي آهي جيستائين ڪوهيڙو هٽي يا رستو صاف ٿئي، ٻين ٻن واقعن ۾ به چئن مهينن کان بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري اهي فوتگيون ٿيون آهن جن جي ذميوار اتان جي مقامي انتظاميا آهي جن بابت وارث ٻڌائن به ٿا ته پاڻي جي نيڪال لاءِ انهن مسلسل انتظاميا آڏو دانهون ڪيون پر انهن ڌيان نه ڌريو. جيڪڏهن انتظاميا پنهنجو ڪم ڪري ۽ قانون تي عمل ٿئي ته اهڙن حادثن کان بچي سگهجي ٿو.