جيڪب آباد پوليس شهيد اھلڪار جي جوابدارن بدران مينهون کڻي آئي!!

0
431

جيڪب آباد: جيڪب آباد پوليس جو ڪارنامو، شھيد اھلڪار جي جوابدارن بجاءِ مينھون گرفتار ڪري کڻي آئي. شھيد پوليس اھلڪار پرويز بنگلاڻي جي قتل ۾ ڄاڻايل 39 جوابدارن مان ھڪ جوابدار به گرفتار ٿي نه سگهيو، ٺل پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف ڳوٺن تي ڇاپا هڻي 16 کان مٿي مينھون کڻي وئي، ڇاپي دوران کنيل مينھون ايس ايس پي جي حڪم تي جيڪب آباد روانيون ڪيون ويون. ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي شھيد پوليس جي وارثن ۾ مايوسي پکڙيل آهي.