قمبر ( رپورٽر) قمبر ۾ آرٽس ڪائونسل طرفان اديب ۽ سماجي اڳواڻ ڀائو درمحمد ٻرڙو جي 68 هين سالگرهه جي سلسلي ۾ پريس ڪلب هال ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي.  ان موقعي تي ڀائو درمحمد ٻرڙو خطاب ڪندي چيو ته جيستائين لکيل پڙهيل باشعور ماڻھو منظم باضابطه جدوجهد نه ڪنداسين تيستائين ڪا به انقلابي تبديلي ڪا نه ايندي،  تقريب کي ٺوڙھي ڦاٽڪ جي اسير سماجي اڳواڻ نذير احمد تنيو خطاب ڪندي چيو ته ڀائو درمحمد ٻرڙو سنڌي قوم جي حقن لاءِ وڙھندڙ جدوجهد جو بي مثال ڪردار آھي. نوجوان اديب عيسيٰ ميمڻ چيو ته هن اونداهي سماج ۾ ڀائو درمحمد ٻرڙو روشن ڏيئي مثال آھي. ستار کهاوڙ، ممتاز خاصخيلي، بشير آچو، شاعر مسيح مگسي، ڪوڙل قربدار، قمرالدين قمر، منوررند، منظور آرزو، نا اداڪار روشن شيخ. رياض عباسي. غلام شبير عباسي  ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو تقريب ۾ سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو ڀائو درمحمد کي اجرڪن .ٽوپين ۽ گلن جا تحفا ڏنا ويا  آخر ۾ سنڌ کي 2 حصا ڪرڻ ۽ ڌارين جي آبادڪاري ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ خلاف قرارداد پاس ڪئي وئي.