ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالستار ڀيو ۾  سک برادري جي چئن گھرن کي شارٽ سرڪٽ مان لڳي وئي. ڪنور سنگهه، ڀڳوان سنگهه، مائي سوناري ٻارڙا ساڻ ڪري احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي 4 گھرن کي باھ لڳڻ سبب سامان ۽ اناج سڙي رک ٿي ويو آهي، گھر ۾ پيل نياڻي جو ڏاج  به سڙي رک ٿي ويو آهي، اسان وٽ انتظاميا طرفان ڪير لڙي ناهي آيو، جا ٻار سيءَ ۾ پٽ تي ويٺا آهن، اسان غريب مسڪين روز ڪمائي کائڻ وارا آھيون ھنن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو خدارا اسان جي مدد ڪئي وئي.