جهول ۾ ملاکڙو: سنڌ ۽ پنجاب جا پهلوان هڪٻئي کان زور

0
425
جهول ۾ ملاکڙو

جهول (ن پ ا) جهول ڀرسان سيد ثابت علي شاهه جي سالياني عرس تي ملاکڙو ڪرايو ويو، جنهن ۾ سنڌ  ۽ پنجاب جي پهلوانن زور آزمائي ڪئي. بادل مري، مدد علي ٻٻر، حنيف خاصخيلي، صادق علي شاهه، مير محمد چانڊيو، معشوق ملوڪاڻي، بادل ڀيل، عبدالقادر چانڊيو، ڪارو ملاح، علي شير ملاح، سهراب بگٽي، محمد خان شر، محمد بخش چانڊيو، سيد لال شاھ ۽ ٻين پهلوانن خوب مقابلو ڪيو. پهلوانن زور آزمائي دوران هڪٻئي کي داءُ هڻي غش به ڪري ڇڏيو.