نسل پرستي مامري تي اختلاف: ڊي ڪوڪ ورلڊ ڪپ اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو

0
227

دبئي (اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2021ع ۾ ڏکڻ آفريڪن وڪيٽ ڪيپر ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ نسل پرستي خلاف يڪجهتي مامري تي بورڊ سان اختلاف ڪندي عالمي ڪپ اڌ ۾ ڇڏي واپس هليو ويو.

ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان ٽيمبا باووما ويسٽ انڊيز خلاف ميچ کان اڳ ٻڌايو ته ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ ذاتي سببن جي ڪري ورلڊ ڪپ ڇڏي ويو آهي.