ڀلي غريب هجي پر ڊگهي قد وارو ڇوڪرو پسند آهي:آمنه الياس

0
682

لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا آمنا الياس چيو آهي ته مونکي غريب پر ڊگهي قد وارو ڇوڪرو پسند آهي.گذريل ڏينهن ماڊل ۽ اداڪارا آمنا الياس به هڪ ٽي وي شو ۾ اهڙي صورتحال سان منهن ڏنو جتي کانئس ڊگهي قد جي ڇوڪرن ۽ ننڍي قد جي ڇوڪرين جي حوالي سان راءِ جي گهر ڪئي وئي.

شو دوران ميزبان اداڪارا آمنا الياس کان سوال ڪيو ته ڇا توهان ننڍي قد واري ڇوڪرين کي ڏسي کلندا آهيو؟ يا انهن کي چوندا آهيو ته ڪا ڳالهه ناهي هڪ ڏينهن تون به ڊگهي ٿي ويندين؟جنهن جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته مان اهڙي ڇوڪرين کي ڏسي کلڻ شروع ڪندي آهيان، ان جو سبب ڪا ٽوڪ يا نسل پرستي ناهي پر مونکي اهڙيون ڇوڪريون گهڻيون وڻنديون آهن انڪري مان ائين ڪندي آهيان.ميزبان اداڪارا کان اهو به سوال ڪيو ته امير ڇوڪرو هجي ۽ ننڍي قد جو هجي يا غريب ڇوڪرو هجي ۽ وڏي قد جو هجي؟، توهان ڪنهن جي چونڊ ڪندا؟اداڪارا پنهنجي جواب ۾ چيو ته ڊگهي قد واري کي اهميت ڏني ۽ چيو ته ڇوڪرو ڀلي غريب هجي پر ڊگهي قد جو هجڻ گهرجي.

ھي به پڙھندا

آمنا الياس صوف کي نشانو بڻائيندي نوجوان کي لت هڻي ڪڍي