آمنا الياس صوف کي نشانو بڻائيندي نوجوان کي لت هڻي ڪڍي

0
264

لاهور (شوبز نيوز) خوبصورت اداڪارا ۽ ماڊل آمنا الياس ڪجهه ڏينهن اڳ انسٽاگرام تي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي ڀَر ۾ ويٺل دوست مشهور ميڪ اپ آرٽسٽ ارشد خان کي غلطيءَ سان باهه ڏئي ڇڏي ٿي، جڏهن ته هاڻ اداڪارا هڪ نوجوان کي غلطيءَ سان لَت وهائي ڪڍي آهي. حقيقت ۾ آمنا الياس هڪ چئلينج پورو ڪرڻ لاءِ نوجوان جي مٿي تي صوف رکي ان کي لَت هڻي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر آمنا جي لَت صوف بدران نوجوان کي مٿي ۾ لڳي وئي، ، جنهن تي اداڪارا حيران ۽ پريشان ٿي وئي. ويڊيو شيئر ڪندي آمنا الياس ڪيپشن ۾ لکيو ته ”بلز آئي“ منعيٰ ٺيڪ نشاني تي. هن وڌيڪ لکيو آهي ته ويڊيو ۾ ڪو به زخمي ناهي ٿيو، جڏهن ته توهان ان چئلينج کي گهر ۾ پورو ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪيو. ماڊل ۽ اداڪارا آمنا الياس سوشل ميڊيا تي پنهنجي مداحن لاءِ دلچسپ ويڊيوز شيئر ڪندي رهندي آهي،

هوءَ عورتن سان پيش ايندڙ واقعن تي کليل نموني ڳالهائڻ سان گڏوگڏ چهري جو رنگ ڀورو ڪرڻ لاءِ مختلف پراڊڪٽس جي مشهوري ڪندڙ اداڪارائن کي به تنقيد جو نشانو بڻائيند رهندي آهي، ڇو ته آمنا الياس جو پنهنجو رنگ سانورو آهي ۽ سندس موجب عوامي شخصيت هجڻ جي حيثيت سان اسان جو ڪم ٻئي کي خوبصورتيءَ جو احساس ڏيارڻ آهي، اسان ٻين کي شرمندگي ۽ احساس محرومي ۾ مبتلا ڪرڻ جو ڪو حق نٿا رکون.