لڪس اسٽائل ايوارڊز جي نامزدگين تان تڪرار، شوبز ستارن جي سخت تنقيد

0
211

ڪراچي(ڪلچرل رپورٽ)هن سال جي لڪس اسٽائل ايوارڊز 2021 لاءِ ڪجهه ڏينهن اڳ نامزدگين جي حوالي سان اعلان ڪيو ويو آهي.جنهن ۾ ميوزڪ، فيشن ۽ ٽيلي ويزن جي ڪيٽيگري ۾ ڊرامن، ماڊلز، اداڪارن ۽ گلوڪارن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو. لڪس اسٽائل ايوارڊ 2021 ۾ ڪجهه ڊرامن کي ڪنهن به ڪيٽيگري ۾ نامزد ناهي ڪيو ويو جڏهن ته ڪجهه ڊرامن جي ڪجهه اداڪارائن کي شارٽ لسٽ ناهي ڪيو ويو. جنهن تي شوبز سان سلهاڙيل ستارن لڪس اسٽائل ايوارڊ جي نامزدگين تي مخصوص ۽ من پسندن کي نامزد ڪرڻ جو الزام هڻندي تنقيد ڪئي آهي. اداڪارا ياسرا رضوي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪيل اسٽوري ۾ لڪس اسٽائل ايوارڊ تي تنقيد ڪئي آهي.  ياسرا رضوي لکيو ته ٻين ڪاروبارن جيان اهي پنهنجي مقصد جي لاءِ فن جو استعمال ڪري سگهن ٿا پر شايد آرٽ جي خدمت ڪرڻ انهن جو مقصد ناهي.

اداڪار علي عباس لڪس اسٽائل ايوارڊ جي حوالي سان هڪ مداح جي سوال تي جواب ڏيندي تنقيد ڪئي. هڪ مداح انسٽاگرام اسٽوري ۾ علي عباس کي چيو ته توهان نامزد ڇو ناهيو؟ اها ناانصافي آهي. جنهن جي جواب ۾ اداڪار چيو ته ان جو جواب ته رڳو لڪس اسٽائل ايوارڊ وٽ ئي هوندو اهو به تڏهن جڏهن انهن کي خبر هجي ته مان هڪ اداڪار آهيان. انکانسواءِ ڪبريٰ خان ”الف“ ۾ پاڻ کي نامزد نه ڪرڻ تي مداحن جي سوالن تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته عزت ڏيڻ وارو صرف ۽ صرف الله آهي، مونکي خبر آهي ته توهان مان ڪيترائي ماڻهو پريشان آهن ته حسنِ جهان کي لڪس اسٽائل ايوارڊ جي لاءِ نامزد ڇو نه ڪيو ويو. ڪبريٰ خان چيو ته جيڪا ويڙهه، محبت ۽ سپورٽ ۾ مان گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڏٺي آهي اها منهنجي لاءِ ڪنهن به ٽرافي کان گهڻي وڌيڪ آهي، جيڪڏهن اها ڪاميابي ناهي ته مونکي خبر ناهي ته اهو ڇا آهي. هن پنهنجو پاڻ کي اهڙو فاتح قرار ڏنو جنهن کي ڪنهن تقريب يا اسٽيج جي ضرورت ناهي. تنهن هوندي به ناليواري گلوڪارا ۽ اداڪارا حديقا ڪياني جنهن ”رقيب سي“ کان اداڪاري جي ميدان ۾ قدم رکيو هو پنهنجي ڊرامي کي نامزد نه ڪرڻ تي تنقيد نه ڪئي پر اها اميد ظاهر ڪئي ته هوءَ ايندڙ سال ضرور نامزد ٿيندي. حديقا ڪياني چيو ته مونکي ”سڪينا“ ۽ ”رقيب سي“ جي لاءِ محبت ۽ سپورٽ جا گهڻا پيغام مليا آهن پر هڪ شيءِ جي وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته ”رقيب سي“ هن سال لڪس اسٽائل ايوارڊ جي لاءِ نامزد نه ٿي سگهيو پر ٿي سگهي ٿو ته اهو ايوارڊز پاليسي موجب ايندڙ سال نامزد ٿي وڃي. هوڏانهن سونيا حسين پنهنجي اسٽوري ۾ مايوسي جو اظهار ڪندي لکيو ته مونکي ان ڳالهه تي افسوس آهي ته ”سراب“ جهڙي ڊرامي کي به ايوارڊ لاءِ نامزد ناهي ڪيو ويو.