رئلٽي شو”بگ باس“ جو هيرو منشيات ڪيس ۾ گرفتار

0
250

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارت جي ناليواري رئيلٽي شو بگ باس جي ڪري مشهوري ماڻيندڙ اداڪار کي منشيات جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو(اين سي بي) جي ٽيم گذريل ڏينهن اداڪار جي گهر تي ڇاپو هنيو جنهن دوران منشيات هٿ ڪئي وئي، ميڊيا رپورٽن موجب سندس گهر مان ڪوڪين هٿ ڪئي وئي آهي. ڪوڪين هٿ ڪرڻ کانپوءِ اداڪار ارمان ڪوهلي کي گرفتار ڪندي جاچ لاءِ ممبئي ۾ هڪ ايجنسي جي آفيس منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اهڙي گرفتاري جي تصديق سرڪاري طور تي به ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته ارمان ڪوهلي اداڪار سلمان خان جي فلم پريم رتن ڌن پايو سميت ڪيترن ئي باليووڊ فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي.