پشاور(م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جڏهن ملڪ لٽجي رهيو هجي ته ڇا چوڪيدار چئي ٿو سگهي ته مان نيوٽرل آهيان. غيرسياسي رڳو جانور هوندا آهن، آڊيو ليڪ سان وزيراعظم هائوس جي سيڪيورٽي بريچ ٿي آهي ان جو ذميوار ڪير آهي؟ پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ملڪ جي محافظن کان پڇان ٿو جيڪڏهن هڪ ڌاڙيل گهر ۾ ڌاڙو هڻي رهيو هجي ته ڇا چوڪيدار چئي سگهي ٿو ته آئون نيوٽرل آهيان؟ گهروارا ڇا چوندا منهنجو گهر لٽيو پيو وڃي ۽ چوڪيدار چوي ٿو آئون نيوٽرل آهيان، پاڪستان کي لٽيو پڇيو وڃي اسان جو ملڪ تباهي طرف وڃي رهيو آهي هتان چون ٿا ته اسان ته نيوٽرل آهيون. هن چيو ته هنن کان پڇان ٿو ته جيڪڏهن وزيراعظم هائوس جي سيڪيورٽي بريچ ٿي آهي ته ان جو مطلب آهي ته دشمنن وٽ حساس معلومات هلي وئي آهي، ان جو ذميوار ڪير آهي؟ جيڪڏهن نيوٽرلز جو ڪم سوشل ميڊيا جي ماڻهن کي پڪڙي دٻائڻ ۽ ميڊيا کي بند ڪرڻ آهي ته ملڪ جي مفادن جي حفاظت ڪير ڪندو؟ انسانن جي معاشري ۾ ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي هوندو ۽ جانورن جي معاشري ۾ انصاف ۽ قانون ناهي هوندو. سندس چوڻ هوته وڏا ڌاڙيل پئسو چورائي ٻاهر کڻي ويا ۽ کين اين آر او ڏنو ويو، مريم کان ملڪيت بابت سوال ڪيو ويو جنهن تي هن چيو ته لنڊن ته ڇا پاڪستان ۾ به منهنجي پراپرٽي ناهي، 11 سئو ارب رُپيا جيڪي هن قوم جا چوري ٿيا اهي معاف ٿي رهيا آهن، اهو پئسو ڪجهه ماڻهن کي کيسن ۾ ويندو، اڄ قوم بدترين مهانگائي ۽ قرضن ۾ ٻڏي رهي آهي.هن چيو ته  پنهنجي ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو ته ڪير به ائين چوي ته هو غيرسياسي آهي ته سمجهي وڃو ته ان ۾ ۽ جانور ۾ ڪو فرق ناهي. جانور غيرسياسي هوندا آهن. شينهن هڪ هرڻ کي پڪڙي ٿو جيئن ته باقي هرڻ غيرسياسي هوندا آهن ان لاءِ پنهنجي جان بچائي ڀڄي  ويندا آهن. الله جو حڪم آهي ته اهڙي ناانصافي ٿئي ته سڀ شهري اٿي کڙا ٿين، جڏهن ظلم جو مقابلو ڪندا آهيون ته ظلم ختم ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن ظلم جي آڏو ڪنڌ جهڪايون ٿا ته معاشرو تباهه ٿي ويندو آهي. جنهن ملڪ ۾ لٽيرن کي هر هر اين آر او ملندو آهي انصاف جو نظام انهن کي پڪڙي نه ٿو سگهي ملڪ جا محافظ جيڪي پاڻ کي طاقتور بڻائي ويٺا آهن اهي چوندا آهن اسان نيوٽرل آهيون. عمران خان وڌيڪ چيو سڄي قوم کي سڏ ڏيندس ته واپسي نه ٿي سگهندي، مون کي به جيل جو ڊپ آهي نه ئي پنهنجي جان قربان ڪرڻ جو، اڪيلي سر نڪرڻو پيو ته به نڪرندس پر هنن چورن ۽ ڌاڙيلن کي قبول نه ڪندس. هن چيو ته تباهي جو رستو اسان جي سامهون آهي جو وڏا وڏا ڌاڙيل جيڪي چوري ڪري پئسا ٻاهر کڻي ويا انهن جا ڪيس ختم ڪيا ويا، پاناما پيپرز ۾ پڪڙيل لنڊن جي سڀ کان مهانگي علائقي ۾ اربين رپين جي ميفيئرز جي 4 اپارٽمنٽن ۾ رهن ٿا جن جي باري ۾ پاناما پيپرز ۾ پڪڙجڻ بعد نواز شريف جي پٽ چيو ته انهن جي مالڪ مريم نواز آهي. هن چيو ته اڄ مريم نواز کي پاڪستان جي عدالتن بري ڪري ڇڏيو آهي اڄ اسان سڀ سوال پڇي رهيا آهيون ته هي ڇو ٿيو آهي جيڪڏهن ائين ئي سمورا ڪيس ختم ٿيندا رهيا ته اهڙي ملڪ ۾ ڪو به مستقبل نه آهي، جنهن ملڪ ۾ اهڙي ڦرلٽ ۽ ڪرپشن ٿئي ان ملڪ جو ڪو مستقبل نه آهي. هن قوم جا چوري ڪيل 11 سئو ارب رپيا معاف ڪيا پيا وڃن، قوم اڄ بدترين مهانگائي ۾ ٻڏي رهي آهي قوم هيٺ پئي وڃي قرضن ۾ ٻڏي رهي آهي معيشت تباهه ٿي رهي آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ وائٽ ڪالر ڪرائم ۾ پئسي وارن جي ذميواري هوندي آهي ته ٻڌائي ته پئسا ڪٿان آيا پر هنن نيب قانون تبديل ڪيو ته اهو ڏوهه نيب ثابت ڪندو. هن چيو ته امپورٽڊ حڪومت جي اچڻ بعد رپيو 33 سيڪڙو ڪريو آهي ملڪ ۾ پئسا گهٽجي ويا ۽ ٻاهر وارن جي دولت ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته ايڊورڊز ڪاليج وارو توهان ميلو ۽ ڊيزل کي به دعوت ڏيو ۽ ڊيزل کان پڇو ته توهان برائي سان ڪيئن بيهي رهيا. ميلو کان به پڇو ته توهان ته ڏاڍا باچا خان هيئو توهان هڪ ڦورو سان ڪيئن بيهي رهيئو؟