اسلام آباد(م ڊ) آمريڪي ڌمڪين بابت سائفر تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ليڪ ٿيل آڊيو جو ٻيو حصو به سامهون اچي ويو. سوشل ميڊيا تي وائرل آڊيو ۾ ٻڌي سگهجي ٿو ته عمران خان پارٽي اڳواڻن سان آمريڪي سائفر بابت ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي جنهن ۾ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاھه محمود قريشي، وزيراعظم جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان ۽ وفاقي وزير اسد عمر جا آواز به ٻڌي سگهجن ٿا. آڊيو ۾ عمران خان شاھه محمود قريشي کي چوي ٿو ته چڱو شاهه جي! سڀاڻي اسان ٽنهي (عمران خان، اعظم خان ۽ شاهه محمود قريشي) کي فارين سيڪريٽري سان ميٽنگ ڪرڻي آهي، جنهن ۾ اسان کي چوڻو آهي ته جيڪو خط آيو آهي ان جا خاموشي سان مرضي جا منٽس لکي ڏي. اعظم خان چيو ته ان جا منٽس ٺاهي فوٽو اسٽيٽ ڪرائي ٿا وٺون. ان دوران پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان چوي ٿو ته اهو سائفر 7 يا 8  تاريخ تي آيو هو، جنهن تي عمران خان چوي ٿو ته ملاقات 7 تاريخ تي ٿي هئي، اسان کي ته آمريڪين جو نالو کڻڻو ئي نه آهي ڪنهن صورت ۾  ڪنهن ملڪ جو نالو نه کڻڻو آهي، ان اشو تي مهرباني ڪري ڪنهن جي واتان آمريڪا جو نالو نه نڪري، اها ڳالهه اوهان سڀني لاءِ اهم آهي ته ڪهڙي ملڪ مان خط آيو آهي آئون ڪنهن جي واتان ان جو نالو ٻڌڻ نه ٿو چاهيان. آڊيو ۾ اسد عمر چئي رهيو آهي ته اوهان ڄاڻي واڻي ان کي خط چئي رهيا آهيو، هي خط نه پر اجلاس جو ٽرانسڪرپٽ آهي، جنهن تي عمران خان کيس ٽوڪيندي چوي ٿو ته اهوئي آهي نه ميٽنگ جو ٽرانسڪرپٽ يا خط هڪ ئي شيءِ آهي، ماڻهن کي ٽرانسڪرپٽ سمجهه ۾ نه اچي ها، اوهان عوامي جلسن ۾ ائين ئي چوندا آهيو.