اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته سائفر بابت آڊيو مختلف ٽڪرا ڳنڍي ليڪ ڪئي وئي پر ان سان آمريڪي سازش واري بيانيي کي ڪو به نقصان نه پيو ٿئي ويتر ان معاملي کي ڊيگهه ملي رهي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران فواد چوڌري چيو ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي بريت خلاف نيب ڪجهه نه ڪري سگهندي، پي ٽي آءِ معاملو سپريم ڪورٽ کڻي ويندي. فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر کي ڪلين چٽ ڪئين ملي وئي؟ سپريم ڪورٽ کي ٻڌائينداسين ته نيب اپيل نه ڪندو ڇو ته اداري جو چيئرمين حڪومت مقرر ڪيو آهي. فواد چوڌري چيو ته عام پاڪستاني سمجهي ٿو ته موجودا نظام ۾ ان لاءِ ڪو رليف ناهي، اسان وٽ ٻه رستا آهن يا سسٽم سان ٺاهه ڪيون يا مزاحمت ڪريون، ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻو پوندو، لٽيل پئسو عمران خان يا پي ٽي آءِ جو ذاتي ناهي.