جاتي (ن پ ا) جاتي جي سامونڊي پٽي مشهور ڍنڍ گڏاپ سميت سوين ايڪڙ زمين تي بااثرن پاران   قبضو ڪرڻ ۽ مقامي ماڻهن کي گهر کالي ڪرائڻ لاءِ گهرن تي هوائي فائرنگ ڪرڻ خلاف رهواسين فيض محمد ڌانڌل،شير محمد ڌانڌل،اڪبر چانگ،غلام حسين ٻارڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري مگرڀين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته  بااثر   ڍنڍ گڏاپ سميت ساحلي پٽي جي سوين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ورتو  آهي، جڏهن اسان جا ڳوٺ قديمي آباد آهن، جن کي ڳوٺ کالي ڪرائڻ لاءِ گهرن مٿان هوائي فائرنگ ڪري هرسان ڪري رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.