ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار وڪي ڪوشل ۽ اداڪاره سوناڪشي سنها کانپوءِ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا به سوشل ميڊيا تي مقبول ٿيل“ڊونٽ رش چيلينج” پورو ڪندڙن جي لسٽ ۾ شامل ٿي وئي آهي.ثانيه مرزا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجي ساٿي رانديگرياڻي نڪيتا رائنه سان هڪ ڊانس وڊيو شيئر ڪئي آهي، وڊيو ۾ کيس “ڊونٽ رش چيلينج” قبول ڪري ڊانس ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.