جنگشاهي (رپورٽ: عبدالرؤف بروھي) جنگشاهي ۾ ڄام بجار جوکيو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ٻيون ڪوارٽر فائنل عابد بروھي ٺٽو کٽي ورتو. ان ڏس ۾ عابد بروھي ڪرڪيٽ اليون ٺٽو پهريان کيڏندي مقرر 12 اوورن ۾ 188 رنسون ٺاهيون، احتشام 55، شاھجي پٺاڻ 37 ۽ شاداب 28 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. جنگشاهي جي باقر شاھ اليون طرفان وسيم عرف مينو بروھي 3، عرفان 2 ۽ عمر 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ جنگشاهي 4 وڪيٽن جي نقصان تي 187 رنسون ٺاهي ھڪ رنس تان هارائي وئي ۽ عابد بروھي اليون سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو.