توشه خانه ڪيس: عمران خان عدالت ۾ پيش نه ٿيو، 2 وڳي تائين وقفو

0
165

توشه خانه ڪيس: عمران خان

اسلام آباد: عمران خان نوٽيس ملڻ باوجود توشه خانه ڪيس ۾ اسلام آباد جي عدالت آڏو پيش نه ٿيو، ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال 10 وڳي تائين وقفو ڪيو، ٻيهر ٻڌڻي دوران عمران خان جو وڪيل شير افضل مروت پيش ٿيو

پي ٽي آءِ سربراهه جي وڪيل چيو ته عمران خان جي ليگل ٽيم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ موجود آهي، ٻڌڻي لاءِ ايندڙ هفتي ڪا تاريخ ڏني وڃي، ان موقعي تي اي سي پي جي وڪيل چيو ته ضامن کي عدالت نوٽيس ڪري ۽ شوئرٽي کي ڪينسل ڪيو وڃي

 جج ريمارڪس ڏيندي چيو ته ضمانت ڏيندڙ پابند آهن ته عمران خان عدالت ۾ پيش ٿئي، لڳي ٿو عمران خان اڄ به عدالت ۾ پيش نه ٿيندو، اها صورتحال رهي ته ڪو فيصلو ڏيون ٿا، قانون سڀني لاءِ برابر آهي، قانوني گهرجون پوريون ڪندي توشه خانه ڪيس هلايو ويندو

Arrest warrant issued for former Pakistani premier Imran Khan

عمران خان جي وڪيل جي استدعا تي عدالت طرفان ٻڌڻي ۾ ٻيهر منجهند 2 وڳي تائين وقفو ڪيو ويو آهي

عمران خان توشه خانه ڪيس ۾ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ رد نه ٿيڻ واري فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيوآهي

 عمران خان جي وڪيل طرفان اسلام آباد جِي عدالت جَي فيصلي خلاف درخواست داخل، درخواست تي اڄ ئي ٻڌڻي ڪري گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي، ايڊيشنل سيشن جج گذريل ڏينهن گرفتاري وارنٽ خلاف عمران خان جي درخواست کي رد ڪيو هو

هي به پڙهندا

جنهن ڏينهن عمران خان کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻو هوندو گرفتار ڪنداسين: راڻا ثناءُ الله