سنڌ هاءِ ڪورٽ 9 قومي تڪن تي ننڍي چونڊ بابت نوٽيفڪيشن تي عمل کان روڪي ڇڏيو

0
192
سنڌ هاءِ ڪورٽ 9 قومي تڪن

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ 9 قومي تڪن تي ننڍي چونڊ بابت نوٽيفڪيشن عمل کان روڪي ڇڏيو آهي

سنڌ مان چونڊيل پي ٽي آءِ جي 9 ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي بعد حڪمنامو جاري ڪيو ويو

 عدالت صوبي ۾ 16 مارچ تي ننڍي چونڊ وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي

آزاد اُميدوار قيس منصور شيخ جي ڌُر بڻجڻ واري درخواست تي نوٽيس جاري ڪيو ويو، عدالت ٻڌڻي 25 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

هي به پڙهندا

توشه خانه ڪيس: عمران خان عدالت ۾ پيش نه ٿيو، 2 وڳي تائين وقفو