چيف اليڪشن ڪمشنر سان مسلسل بدتميزي: درخواستگذار کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو ويو

0
189
چيف اليڪشن ڪمشنر سان مسلسل بدتميزي: درخواستگذار کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو ويو
چيف اليڪشن ڪمشنر سان مسلسل بدتميزي: درخواستگذار کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو ويو

اسلام آباد: عمران خان جي پارٽي چيئرمين شپ معاملي تي ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪمشنر سان بدتميزي ڪرڻ تي درخواستگذار کي عدالتي ڪمري مان نيڪالي ڏني وئي

ٻڌڻي دوران درخواستگذار آفاق احمد بدتميزي ڪندي چيو ته اي سي پي غلط پَتي تي نوٽيس اُماڻيو آهي، پنهنجي عملي کي ٺيڪ ڪريو

ان موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته تيز ڳالهائڻ سان توهان جي دٻاءُ ۾ نه اينداسين، هر هر گوڙ ڪرڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر طرفان درخواست گذار کي ڪورٽ روم مان ٻاهر ڪڍڻ جو حڪم ڏنو

چيف اليڪشن ڪمشنر جي حڪم تي درخواستگذار کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو ويو، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن آفاق احمد جي درخواست به رد ڪري ڇڏي آهي

هي به پڙهندا

توشه خانه ڪيس: عمران خان عدالت ۾ پيش نه ٿيو، 2 وڳي تائين وقفو