عمران سان ڳالهين کان انڪار: ڊجيٽل آدمشماري تي سنڌ کي خدشا آهن: آصف زرداري

0
233
عمران سان ڳالهين کان انڪار
عمران سان ڳالهين کان انڪار: ڊجيٽل آدمشماري تي سنڌ کي خدشا آهن: آصف زرداري

وهاڙي: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڊجيٽل آدمشماري تي سنڌ کي خدشا آهن، پيپلز پارٽي پي ڊي ايم سان گڏ ضرور آهي پر اسان جو موقف الڳ آهي

وهاڙي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف زرداري چيو آهي ته يوٽرن وٺڻ عمران خان جي پراڻي عادت آهي، عمران خان ملڪ جا سمورا ادارا وڪرو ڪرڻ ٿَي چاهيا، اسان حڪومت ۾ اچي پاڪستان کي بچايو

هن چيو ته سياست ۾ جفا ڪشي ڪرڻي پوندي آهي پر عمران خان کي جفاڪشي جي عادت ناهي، عمران خان سدائين يوٽرن وٺندو رهيو آهي

آصف زرداري چيو ته ڊجيٽل آدمشماري تي سنڌ کي خدشا آهن، جيڪي ختم ٿيڻ کپن، اسان پي ڊي ايم سان گڏ ضرور آهيون پر پيپلز پارٽي پي ڊي ايم جو حصو ناهي

هن چيو ته عمران خان غيرسياسي ماڻهو آهي، ساڻس ڳالهيون نٿيون ڪري سگهجن، يوٽرن وٺڻ عمران خان جي عادت آهي

اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته معاشي حالتن جي خبر هئي، پر ملڪ کي بچائڻو هو، اسان اقتدار ۾ اچي ملڪ کي بچايو، پاڪستان لميٽيڊ ڪمپني ناهي جو ڏيوالي سان ملڪ ختم ٿي ويندو
هن چيو ته  عمران خان مقبوليت جي بُنياد تي نه، پر مهانگائي جي ڪري ننڍيون چونڊون کٽيون، چونڊن بابت مولانا فضل الرحمان جي خدشن تي اتحادين جي اجلاس ۾ غور ڪيو ويندو

آصف زرداري چيو ته ، اسان پي ڊي ايم نه، پر حڪومت جو حصو آهيون، چونڊن جو ماحول اڃا ٺهندو، اُن کانپوءِ سياسي فيصلا ڪيا ويندا، اُميد ته چونڊون وقت سر ٿينديون ۽ اسان تير جي نشان تي اليڪشن وڙهنداسين

آصف زرداري چيو ته عمران خان کي ڪنهن معاملي تي گرفتار ڪرڻو جو اختيار گهرو وزير کي آهي، عمران خان عدالتن کي منهن ڏيڻ کان ڊڄي ٿو، سياستدان عدالتن ۽ جيلن کان نه ڊڄندو آهي، جهڙي نموني قوم کي سنڀاليو، ائين عدليه کي به سنڀالينداسين، ايم ڪيو ايم کي صوبي، نه پر مرڪز سان مسئلا آهن

هن کي به پڙهندا

جنهن ڏينهن عمران خان کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻو هوندو گرفتار ڪنداسين: راڻا ثناءُ الله

نيب ٽيم عمران خان کي نوٽيس ڏيڻ بنا واپس رواني: عمران سمجهي ٿو ته کيس باقيات بچائيندي: مريم نواز