تماش گاهه … عدليه ۽ حڪمران

0
129
تماش گاهه ... عدليه ۽ حڪمران

 اڳوڻي اولهه پاڪستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جناب محمد رستم ڪياني (ايم آر ڪياني) ان دور ۾ جڏهن ايوب خان پاڪستان ۾ پهريون مارشل لا لاڳو ڪيو، پنهنجي تقريرن ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ تي هلڪا ڦلڪا تبصرا ڪندو هو، انڪري هو سڄي ملڪ ۾ مقبول ٿي ويو. هڪ موقعي ايوب خان هڪ محفل ۾ خاص مهمان هو، جتي جسٽس ڪياني به دعوتيل هو. منتظمين کيس پڻ خطاب جي دعوت ڏني هئي. ان تقريب جو مختصر جائزو جسٽس ڪياني جي تقريرن جي هڪ مجموعي “افڪار پريشان” جي مهاڳ ۾ افتخار دراني ورتو آهي، جيڪو هيٺين ريت آهي:

                 “پورن پنجن مهينن ايوب خان تي سڀني پاسن کان ساراهه جو مينهن وسي رهيو هو. هو جيڏانهن ويندو هو، ان جي خدمت ۾ تعريف ۽ ساراهه جا نذرانه پيش ڪيا ويندا هئا. هو هر محفل ۾ خوشامداڻي پذيرائي جو اهڙو ته هيراڪ ٿي ويو هو جو جسٽس ڪياني جو بي تڪلف لهجو، ان جا چڀندڙ جملا ۽ پوءِ مارشل لا تي ان جي کري تنقيد ان جي لاءِ ناقابل برداشت ٿي وئي. ڪياني صاحب جي تقرير ختم ٿيندي ئي دير تائين تاڙيون وڄنديون رهيون، جنهن ڪري هو وڌيڪ تپي باهه ٿي ويو، جيئن ئي هو جوابي تقرير لاءِ اٿيو ته ان جو منهن ٽامڻي هڻي ويو هو. هن جي لهجي ۾ اهڙو جلال جو هو ڄڻ هو غدارن جي هڪ ٽولي کي سندن انجام تي پهچائڻ جو عزم ڪري چڪو هجي. هن سڀني کي اهو چئي ڌوڏي ڇڏيو ته توهان هتي ويهي هڪ ٻئي جي لطيفن مان چَسِ وٺي رهيا آهيو ۽ سرحد جي هن پار توهان جي تباهي جا منصوبا جوڙيا پيا وڃن، صرف اڌ ڪلاڪ ۾ دشمن جا جهاز توهان تي باهه وَسائي سگهن ٿا ۽ توهان جي شهر ۾ ڪا اهڙي جڳهه هوندي جنهن کي محفوظ سمجهيو وڃي، اهڙي قسم جي دهشتناڪ صورتحال مان گذاري هن ڪياني صاحب جي مزيدار تقرير جو اثر زائل ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ جڏهن فضا تي هڪ ڳنڀير سنجيدگي طاري ٿي وئي ته هن ڪياني صاحب جي تقرير ۾ اٿاريل سوالن جو جواب نهايت تيز انداز ۾ ڏنو. هن چيو، “توهان ماڻهو تحقيقات ٿا گهرو، آئون چوان ٿو ته توهان کي ايڏو ته تحفظ حاصل آهي جو توهان کي غير محفوظ بنائڻ کانسواءِ توهان جي ڪارڪردگي ٺيڪ نٿي ٿي سگهي. هڪ دفعي جيڪو سرڪاري ملازم ٿي ويو، ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ حڪومت لاءِ مشڪل بڻجي ويندو آهي، پوءِ ڀلي اهو ڪيڏو به اهل ڇو نه هجي. سرڪاري کاتا هاڻي يتيم خانه بڻجي چڪا آهن. اسان کي اها صورتحال بدلائڻي پوندي”. جڏهن اهڙي قسم جي ڌمڪين سان هن سڀني کي خوفزده ڪري ڇڏيو ته پوءِ هو ڪياني صاحب ڏانهن متوجهه ٿيو : “توهان پنهنجي تقرير لکڻ ۾ چڱي محنت ڪئي آهي ۽ مون کي اميد آهي ته توهان پنهنجا فيصلا به اهڙي محنت سان لکندا هوندا” ۽ پوءِ هن عدالت عاليه تي تنقيد ڪندي چيو ته هر پاسي ڪيسن جا ڍير لڳا پيا آهن، ماڻهو انصاف ۾ ٿيندڙ دير سبب پريشان آهن ۽ اهڙي طرح انتظاميه ۽ عدليه ٻنهي کي ٺڪاڻي لڳائڻ کانپوءِ جڏهن ايوب خان تقرير ختم ڪئي ته عجيب صورتحال هئي. گورنر سراپيل هو. سينيئر سرڪاري آفيسر ڪياني صاحب جي تلخ گوئي تي ندامت محسوس ڪري رهيا هئا. جونيئر آفيسر اهو سمجهي رهيا هئا ته ڪياني صاحب جي تقرير دوران کلڻ ۽ تقرير ختم ٿيڻ تي دير تائين تاڙيون وڄائڻ جي سزا ۾ کين معطل ڪيو ويندو. ايوب خان سڀني جي خبر وٺڻ کانپوءِ هڪ فاتح جي انداز ۾ کاڌي جي ميز تان اٿيو ۽ سول سروس اڪيڊمي جي وسيع لائونج ڏانهن روانو ٿيو ته سينيئر آفيسر ادب مان دائرو ٺاهي هن سان گڏ هليا. ايوب خان لائونج ۾ ويهڻ جي زحمت گوارا نه ڪئي. ڏهن ٻارهن منٽن تائين بيٺي بيٺي گورنر ۽ سينيئر آفيسرن سان ڳالهائيندو رهيو ۽ پوءِ هليو ويو. ان دوران ڪياني صاحب ڪمري جي ٻي حصي ۾ پنهنجي دربار لڳائي ورتي هئي.

جونيئر آفيسر ان جي چوڌاري گڏ ٿي ويا هئا ۽ هو انهن کي دلچسپ قصا ٻڌائي رهيو هو. صدر جي وڃڻ کانپوءِ هن ڪوهاٽ جي هڪ پٺاڻ جو قصو ٻڌايو، جنهن اڪبر جي دربار ۾ ان شرط تي پنهنجو خاص ساز وڄائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته پهرين دربار جا مشهور فنڪار پنهنجن پنهنجن سازن تي ان جون پسنديده ڌُنون وڄائين. اهي سڀ فنڪار پنهنجا ساز الڳ الڳ وڄائيندا هئا ۽ بادشاهه کان انعام وٺندا هئا. جڏهن بادشاهه جي حڪم تي سڀني هڪ ڌُن وڄائي ته دربار ۾ آرڪيسٽرا جو لقاءُ پيدا ٿي ويو. ان وقت پٺاڻ پنهنجو موسل (مهرالو) ڪُلهي تي رکيو ۽ هڪ گَز ان تي ڦيرائڻ لڳو ۽ اهڙي طرح پنهنجو موسل وڄائڻ ۾ محو ٿي ويو، ڄڻ اها سموري ڪيفيت ان جي فني ڪمال سان پيدا ٿي هجي. اهو لطيفو ٻڌائي ڪياني صاحب چيو ته ايوب خان گذريل پنجن مهينن کان پنهنجو موسل وڄائي رهيو آهي. توهان کي اهو اندازو ناهي ٿيو ته اهو سڄو ڪم توهان جي الغوزي، چنگ ۽ سرود جو آهي. هو گهڻي دير تائين جونيئر آفيسرن سان ڪچهري ڪندو رهيو. جڏهن محفل ختم ٿي ۽ هو ڏاڪڻ تان هيٺ لهڻ لڳو ته هن مون ڏانهن ڪنڌ ورائي چيو، “ايوب خان جي تقرير کي حرفِ آخر متان سمجهو، هاڻي آئون ملڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان ۽ هر پليٽ فارم تان کيس جواب ڏيندس”.

اها ڳالهه ڪياني صاحب جهيڻي لهجي ۾ پر هڪ عظيم عزم سان چئي هئي ۽ پوءِ سڀني ڏٺو ته هو آخر تائين انتهائي ڏکين حالتن ۾ حق جي ڳالهه چوڻ جو مقدس فرض ادا ڪندو رهيو ۽ هو ڪڏهن به پنهنجي ان مقصد تان پوئتي نه هٽيو. مارشل لا لڳڻ کان پهرين پڻ ڪياني صاحب پنهنجي شگفته بياني جي ڪري تمام مقبول مقرر هو. مختلف قسم جا ادارا کيس تقرير ڪرڻ لاءِ دعوتون ڏيندا هئا. هو جتي به ويندو هو، پنهنجي هلڪي ڦلڪي انداز ۾ وڏيون ۽ گهريون ڳالهيون چئي ويندو هو ۽ ماڻهن جو ڌيان هميشه انهن بنيادي قدرن ڏانهن ڇڪائيندو هو،

جنهن کانسواءِ زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي ۾ حقيقي ڪاميابي حاصل نٿي ڪري سگهجي، جيڪي دعوت نامه کيس ملندا هئا، هو خوشي سان انهن کي قبول ڪندو هو ۽ هر موقعي تي ايوب خان جي حرفِ آخر واري جواب تي اظهار ڪندو هو. هن جي تقرير ۾ اهم تبديلي اها آئي ته هو لاڳاپيل ادارن جي معاملن مان گذري قومي مسئلن تي ان جي بيباڪ تبصرن جو ذريعو بڻجي وئي. ڪجهه ئي عرصي ۾ صورتحال اها ٿي وئي جو ڪياني صاحب جي تقرير قوم جي دل جو آواز بڻجي وئي. هن ڪراچي کان پشاور تائين سفر ڪيا مختلف قسم جي تنظيمن کي خطاب ڪيو ۽ ڪو به اهم مسئلو اهڙو نه هو جنهن تي کليل نموني اظهار نه ڪيو هجي. هو پنهنجي زبان ۽ قلم سان جهاد ڪندو رهيو، ايستائين جو 15 نومبر 1962ع تي چٽاگانگ ۾ ان جي زندگي جو چراغ گل ٿي ويو”.

هاڻي اها خبر ته عدالتِ عظميٰ عدالتي سڌارن جي قانون سپريم ڪورٽ (پريڪٽس اينڊ پروسيجر) ايڪٽ 2023ع خلاف دائر ڪيل آئيني درخواستن تي اربع ڏينهن (3 مئي) ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته سياستدان انصاف نه پر من پسند فيصلا چاهين ٿا، هر ادارو سپريم ڪورٽ آڏو جوابده آهي، سياسي معاملن عدالت جو ماحول گدلو ڪري ڇڏيو آهي، سينيئر جج ۽ فل ڪورٽ جوڙڻ چيف جسٽس جو اختيار آهي. ان کانپوءِ ان ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڄ (8 مئي) تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي هر جج جي عزت آهي. سڀ عدالتي فيصلن جا پابند آهن. جيڪڏهن عدالت جي ججن جي عزت نه ڪئي ويندي ته انصاف لاءِ نٿو چئي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته سياسي شخصيتون سپريم ڪورٽ کان انصاف نه پر من پسند فيصلا چاهين ٿيون، انڪري “پِڪ اينڊ چوز” جي ڳالهه ڪن ٿيون.