نمستي!

0
198
نمستي!

 شهنگائي تعاون تنظيم جي گووا واري گڏجاڻي پاڪ- ڀارت رشتن جا گهاوَ ڀرڻ بدران وڌيڪ گهرا ڪرڻ جو سبب بڻي آهي. ننڍي کنڊ جا سينيئر سفارتڪار سوچي رهيا آهن ته پاڪستان ۽ ڀارت جي تعلقات ۾ هن ڀيري واري تلخي ڪيترو وقت رهندي؟

                 ڀارت کي پنهنجي ڀونءِ تي بري ميزبانيءَ جو ڪو به پڇتاءُ ناهي. جڏهن ته پاڪستان جو پرڏيهي معاملن جو وزير بلاول پاڻ سان ٿيل بدسلوڪي جي تلخيءَ کي وسارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن بلاول ۽ هن جي ٽيم کي معلوم هجي ها ته ڀارت بينظير ڀٽو جي پٽ سان ائين پيش ايندو ته جيڪر هو کيس ڀارت ياترا جو رسڪ کڻڻ نه ڏين ها. پر اها نه صرف پاڪستان جي پرڏيهي کاتي پر پيپلز پارٽيءَ جي سياسي سمجهه جي ناڪامي به آهي ته هو بلاول کي ان وقت ڀارت موڪلڻ جو غلط فيصلو ڪري ويٺا، جڏهن هن جو هڪ سال وارو پرڏيهي وزارت وارو سفر پورو ٿيڻ وارو آهي.

                 هيءَ حڪومت جڏهن به پنهنجو مدو پورو ڪندي، تڏهن صرف ان معاملي جو تجزيو نه ڪيو ويندو ته پي ڊي ايم جي حڪومت ڇا وڃايو ۽ ڇا حاصل ڪيو؟ پر سياسي ذهن ان باري ۾ به سوچيندا ته بلاول پنهنجي هڪ سال واري سفارتي سفر ۾ ڪيتري ڪاميابي حاصل ڪئي؟ هو جيڪو پنهنجي پارٽيءَ جو سربراهه آهي، هن کي پاڪستان جو سرموڙ اڳواڻ بڻائڻ جو سعيو ڪرڻ وارا ان حق ۾ نه هئا ته بلاول ميان شهباز شريف جي ڪابينا جو وزير بڻجي هلي، پر بلاول جي حوالي سان هن جي ٽيم جي سدائين اها ڪوشش رهي آهي ته بلاول کي ان طرح سان پيش ڪيو وڃي، جو هن ۾ پنهنجي والده ۽ پنهنجي ناني جو عڪس نظر اچي. اهوئي سبب هو ته بلاول کي پرڏيهي معاملن جو وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جيئن هو سرڪاري سياست جو اسٽارٽ ذوالفقار علي ڀُٽي وانگر وٺي. هن پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جو بار پنهنجن ڪلهن تي ته کنيو پر ان سلسلي ۾ هو هن مهل تائين ڪا به قابل ذڪر ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيو آهي. هن کي پنهنجي پرڏيهي وزارت مان اهو فائدو ضرور پيو ته هو مختصر عرصي ۾ مُني دنيا جي ملڪن جا دورا ڪري چڪو آهي. هن کي پرڏيهي وزير بڻائڻ جو خيال پيش ڪرڻ وارن جو اهو اصرار به هو ته بلاول ان بهاني دنيا جي حڪمرانن سان پنهنجا تعلقات پيدا ڪندو ۽ هو جڏهن وزير اعظم ٿيندو ته دنيا جا حڪمران هن کي ذاتي طور تي سڃاڻندا. هن جي حوالي سان اها اميد به ڪئي وئي ته هن کي عالمي سطح تي پنهنجي شهيد ماءُ سبب پيار ۽ عزت ملندي. هن وقت جڏهن بلاول ڀارت جهڙي پاڪستان جي پراڻي دشمن ملڪ مان ڪاميابي بدران ناڪامي کڻي وطن واپس وريو آهي، تڏهن اهو سوال ٻيهر سائو ٿي پيو آهي ته بلاول پنهنجي پرڏيهي وزارت واري دور ۾ “بينظير ڪارڊ” جو ڪيترو استعمال ڪري سگهيو؟

پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جيڪا تلخي موجود آهي، اها هن حڪومت جي پيداوار ناهي. پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ ايتري پراڻي آهي، جيترو پراڻو پاڪستان آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته ٻن دشمن ملڪن جي وچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن امن جي اميد پيدا ٿي آهي پر سفارتڪاريءَ جي آڪاش تي اها روشني گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهي آهي، ڇو ته جلدي ڪنهن نه ڪنهن منفي عمل سبب بحران جا بادل ٻنهي ملڪن جي بهتر لاڳاپن کي ڍڪڻ جو سبب بڻيا آهن.

پاڪستان جي هر حڪمران اها ڪوشش ڪئي آهي ته هو ڪنهن طرح سان ڀارت بهتر تعلقات قائم ڪري سگهي. ان سلسلي ۾ صرف چونڊيل نه پر ملڪ مٿان پاڻ کي مڙهيندڙ فوجي حڪمران به ساڳي ڪوشش ڪندا نظر آيا آهن. اسان کي ڪڏهن اها ڪوشش ايوب خان جي پاران ڀارت کي پاڪستان جو هڪ درياه ڏيڻ جي صورت ۾ نظر اچي ٿي ۽ ڪڏهن اها ڪوشش جنرل ضياءَ جي ڪرڪيٽ ڊپلوميسيءَ جي روپ ۾ آڏو آئي آهي. ڪڏهن پرويز مشرف پاران پنهنجي اباڻي گهر جي ياترا جي صورت شڪل ۾ نظر آئي آهي. ڪڏهن اسان کي زيڊ اي ڀٽو پاران شملا معاهدي جي حوالي سان دوستيءَ جو هڪ يادگار قائم ڪرڻ جو نظارو ڏسڻ وٽان ملي ٿو. ڪڏهن اسان بينظير ڀٽو ۽ راجيو گانڌيءَ جي وچ ۾ نئين تاريخ ٺاهڻ جي ڪوشش جو عزم ٻڌو هو. جڏهن ته پاڪستان جو ٽي ڀيرا وزير اعظم ٿيندڙ ميان نواز شريف مٿان ته ڀارت نواز هجڻ جو الزام مسلسل لڳندو رهيو آهي. هن جي دور حڪومت ۾ واجپائي پاران بس ڊپلوميسي کان وٺي موديءَ پاران هن سان ملاقات لاءِ اوچتو پاڪستان اچڻ وارو سرپرائز دنيا جي حيران ڪرڻ جو باعث بڻيو پر پاڪستان ۽ ڀارت جو رشتو پوءِ به فيض احمد فيض جي ان شعر جهڙو رهيو ته:

هم ڪه ٺهري اجنبي، اتني مداراتون ڪي بعد

ڪب بنين گي آشنا؟ ڪتني ملاقاتون ڪي بعد؟

بلاول جي مٿان پاڪ- ڀارت تعلقات جي بگاڙ جو الزام بلاول جي مٿان مڙهڻ به ناانصافي هوندو، ڇو ته بلاول جا ڪلها ننڍي کنڊ جي تمام وڏي بحران جو بار کڻي نه ٿا سگهن. بلاول کي ان وقت ايڏي وڏي آزمائش ۾ لاهڻ وارن مٿان تنقيد ضرور ٿيڻ گهرجي، ڇو ته بلاول جي سفارتڪاريءَ ۾ انٽري بلڪل نئين آهي. ٻيو ته سفارتڪاري هن جو سبجيڪٽ به نه رهي آهي. بلاول جي ٽيم هن کي زوريءَ زبردستيءَ زيڊ اي ڀٽو بڻائڻ جي جيڪا ڪوشش ڪري رهي آهي، ان جا هن مهل تائين بهتر نتيجا نه نڪتا آهن ۽ نڪري به نه ٿا سگهن، ڇو ته هر انسان پنهنجي مزاج مطابق ارتقاءَ جا مرحلا طئه ڪندو آهي. اسان ڪنهن کي به مڪمل طور تي ڪنهن جهڙو بڻائڻ جي ڪوشش ۾ هن جي انفراديت کي ختم ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به حاصل ڪري نه ٿا سگهون. جيڪڏهن بينظير ڀٽو جهڙي ذهين ۽ پنهنجي والد سان تمام گهڻو ويجهو رهڻ واري ۽ هن جي تمام پياري ڌيءَ به مڪمل طور تي هن جهڙي ٿي نه سگهي ته بلاول ڪهڙي ريت مڪمل طور تي ڀٽو ٿي سگهي ٿو.

بلاول جي کاتي ۾ سفارتڪاريءَ جي هيءَ ناڪامي تحرير ڪرائڻ ۾ هن جو پنهنجو ڪردار گهٽ ۽ هن جي ٽيم جو ڪردار وڌيڪ آهي. بلاول جي سفارتڪاريءَ ۾ ڪا وڏي سوڀ نه ماڻڻ واري پهلوءَ کي ڍڪڻ لاءِ ڪوئي اهو به چئي سگهي ٿو ته ۽ عام طور تي چيو به ويندو آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ چونڊيل حڪومت جي پرڏيهي وزير جو ڪردار ان اداڪار جو هوندو آهي، جنهن کي لکيل اسڪرپٽ تي عمل ڪرڻو هوندو آهي ۽ ان جو بلاول کي تمام گهڻو تجربو آهي. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ اهم ترين ڪردار ملڪي اسٽيبلشمينٽ جو هوندو آهي. اهوئي سبب آهي ته جنهن به چونڊيل حڪمران پرڏيهي پاليسيءَ ۾ پنهنجي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان کي افسوس جوڳا نتيجا ڏسڻا پيا آهن. بلاول کي به ان سلسلي ۾ وسارڻ نه گهرجي ته هن ڪجهه وقت اڳ ڀارت جي حوالي سان جيڪو بيان ڏنو هو، ان جي پرڏيهي کاتي کي اها پڌرائي جاري ڪرڻي پئي هئي ته پرڏيهي وزير جو بيان پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ناهي. ڇا ڪا شيءَ ان کان وڌيڪ مضحڪه خيز ۽ کل جوڳي ٿي سگهي ٿي ته پرڏيهي وزير جو بيان پرڏيهي پاليسي نه هجي. جڏهن ته هن جو اهو بيان هجي به پاڙيسري ملڪ جي سلسلي ۾! پاڪستان جي سلسلي ۾ ماضيءَ جي مشهور انگريزي رسالي “نيوزلائن” جي ايڊيٽر رضيه ڀٽي بلڪل صحيح لکيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. پاڪستان جي سياست ۾ اهو ڪجهه سهڻو پوندو آهي، جنهن جو سياسي باب ۾ تر جيترو تذڪرو به نه هوندو آهي. پاڪستان جون امڪاني ۽ ڪنهن وقت تبديل ٿي ويندڙ پاليسيون پاڪستان جي نه صرف سياسي پر معاشي بحران جو سبب آهن. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته ڀارت جي پرڏيهي معاملن جي وزير ايس جي شنڪر کي گذريل ڏينهن اهو بيان ڏيڻ جي جرئت ئي نه ٿئي ها ته پاڪستان جي ساک سندس معاشيات کان به هيٺ وڃي رهي آهي.

ڀارت جي پرڏيهي معاملن جي وزير جي شنڪر جهڙي ريت جارحيت واري ميزبانيءَ جو ڪردار ادا ڪيو آهي، ان سان ڀارت جو پنهنجو اميج به متاثر ٿيو آهي، ڇو ته ڪنهن به مهمان کي گهرائي پنهنجي تڏي تي بري سلوڪ جو نشانو بڻائڻ سان پنهنجي عزت ۽ آبرو مٿان سواليا نشان پيدا ٿيڻ هڪ فطري عمل آهي. ڀارت جي مودي حڪومت مسلمانن سان جيڪو سلوڪ اختيار ڪري ويٺي آهي، ان سان ڀارت جي وحدت وڌيڪ خطري ۾ پئجي وئي آهي. ڀارت جو آئين ڀلي سيڪيولر هجي پر ڀارت جي حڪومت ڪنهن به طرح سان سيڪيولر ته ڇا پر انساني حقن جي حوالي سان جمهوري حڪومت هجڻ جي حيثيت به وڃائي ويٺي آهي. موديءَ جي ڪاميابيءَ ۾ ڪانگريس جي ناڪاميءَ جو ڪردار ڪيترو آهي؟ ان سوال تمام اهم ۽ وسيع موضوع آهي، پر جنهن وقت ڀارت جي مودي سرڪار پاڪستان جي پرڏيهي معاملن جي وزير جي توهين ڪري رهي هئي، ان وقت ڪانگريس جي خاموشي بذات خود هن جي سياسي حق ۾ نه هئي.

سفارتڪاري ملڪن جي مفادن جي ماتحت رهندي آهي، پر سفارتڪاري سان ملڪي مفاد بهتر يا بدتر به ڪري سگهجن ٿا. سفارتڪاريءَ جي سلسلي ۾ ڪجهه دانشورن جو خيال آهي ته اها هڪ سائنس آهي. دانشورن جي ٻي ڌر ان کي آرٽ قرار ڏيندي آهي. جڏهن ته ٽين ڌر مطابق سفارتڪاري آرٽ به آهي ۽ سائنس به! زيڊ اي ڀٽو پرڏيهي پاليسيءَ جي سلسلي ۾ هڪ مثالي ڪردار رهيو آهي. هن پرڏيهي پاليسيءَ جي سلسلي ۾ اهڙا سنگ ميل قائم ڪيا، جيڪي هن وقت تائين پاڪستان جو ڪو به پرڏيهي معاملن جو وزير عبور نه ڪري سگهيو آهي. جيتوڻيڪ زيڊ اي ڀٽو هڪ چونڊيل حڪومت جو نه مڙهيل حڪومت جو پرڏيهي وزير هو پر پوءِ به هن اهو ڪجهه ڪيو، جيڪو ڪجهه چونڊيل حڪومتن جا پرڏيهي معاملن جا وزير به نه ڪري سگهيا.

ڀارت جو دانشور وزير اعظم پنڊت جواهر لال نهرو به سفارتي معاملن ۾ ڪمال جو ڪاريگر هو. سرد جنگ جي ڏينهن ۾ هن جي ان لاڳاپيل پاليسي (Nonaligned Policy) جا پراڏا پوري دنيا ۾ گونجيا هئا. نهروءَ کان پوءِ به ڀارت مجموعي طور تي پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ جي سلسلي ۾ متوازن ملڪ رهيو آهي. پر هن وقت ڀارت تي جيڪو هندو شائونزم جو ڀوت سوار ٿيو آهي، تنهن ڀارت کي نه صرف داخلي پر خارجي طور تي به خطرناڪ صورتحال طرف ڌڪڻ شروع ڪيو آهي.پاڪستان جي پرڏيهي معاملن جي وزير سان ناروا سلوڪ ڀارت جي بهتر ماضيءَ جي مات ۽ بدتر حال جي جيت آهي. ڀارت کي محسوس ٿيڻ کپي ته هڪ ڀيانڪ مستقبل هن کي “نمستي” چئي هن جي آجيان ڪري رهيو آهي.