تبديلي اچي وئي، هاڻ تنقيد ڪرڻ بدران بائونسرز برداشت ڪرڻا پوندا: رميز راجا

0
296

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي امڪاني چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته هاڻ زندگي تبديل ٿي وئي آهي، بائونسرز ڪرڻ بدران هاڻ بائونسرز کي منهن ڏيڻو پوندو. اڳوڻي ڪپتان رميز رجا کي پيٽرن ان چيف وزير اعظم عمران خان اسد علي خان سان گڏ پي سي بي جي گورننگ بورڊ ۾ نامزد ڪيو آهي. پي سي بي جي نئين چيئرمين جي چونڊ 13 سيپٽمبر تي ٿيندي ۽ بورڊ آف گورنرز جو اجلاس به طلب ٿيل آهي. اجلاس ۾ رميز راجا پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو نئون چيئرمين چونڊجي ويندو، سندس مقابلي ۾ ڪوبه اميدوار سامهون نه آيو آهي. رميز راجا سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام ۾ چيو ته منهنجي آخري سوشل ميڊيا تي بيان بعد زندگي تبديل ٿي وئي آهي. بائونسرز ڪرائڻ بدران هاڻ بائونسرز برداشت ڪرڻا پوندا، پڪ اٿم ته سڀ سهڪار ڪندا.