لاليگا فٽبال ليگ ۾ 4 ميچز جو فيصلو

0
256

اسپينش فٽبال ليگ لاليگا ۾ ايٿليٽڪ ڪلب، ايلچي، ويلينشيا ۽ ريال سوسائيڊڊ پنهنجون ميچز کٽي ورتيون.بلائيڊس اسٽيڊيم ۾ ٿيل ميچ ۾ ايٿليٽڪ ڪلب ۽ سليٽا ويگو وچ ۾ مقابلو دلچسپ رهيو، ميچ تي وڌيڪ ڪنٽرول ته سليٽا ويگو جو رهيو، پر ڪاميابي ايٿليٽڪ ڪلب جي ٿي. ميچ ۾ ايٿليٽڪ ڪلب طرفان فيصلائتي ميچ جو واحد گول 34 هين منٽ ۾ انڪياڪي وليمز ڪيو. هڪ ٻي ميچ ۾ ايلچي جو مقابلو سيوي سان ٿيو، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ بهترين اٽڪينگ ٿي ايلچي طرفان ميچ جو پهريون گول روڪو ڪيو. راند جي 40 منٽ ۾ يوسف نصيري سيوي  لاءِ گول ڪري ميچ هڪ هڪ تان برابر ڪري ڇڏي. ٻئي پاسي ويلينشا ۽ ريال سوسائيڊ به پنهنجون ميچز کٽي ورتيون.