خانپورمھر ( ن پ ا) خانپور مھر ۾ ملتان واسڻ مريم خاتون دانھون ڪندي چيو ته مونکي اغوا ڪيو ويو آھي، بچايو، رڙين تي پوليس پهچي عورت ۽ ان سان گڏ آيل شخص کي تحويل ۾ وٺڻ بعد ٿاڻي تي کڻي وئي.عورت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نالو مريم آرائين زال عمران علي آهي، ملتان جي رھواسڻ آھيان، ھفتو اڳ غلطي سبب خانپور ڪٽورہ بجاءِ روھڙي ريلوي اسٽيشن تي پھتس، جتان خدا بخش ملڪ نشو ڏئي ڳوٺ مزار ملڪ کڻي وڃي نڪاح ڪيو، پير ۾ ڌڪ جي علاج بھاني خانپورمھر پھچي رڙيون ڪيون، چئن ٻارن جو اولاد آھي،واپس ملتان وڃڻ چاھيان ٿي. ھوڏانھن عورت سان گڏ آيل ڌڻي بخش ملڪ ٻڌايو ته مريم خاتون سان ھن جي ڀاءُ خدابخش ملڪ سان شادي ڪئي آھي، کيس ڪنھن به اغوا ناھي ڪيو. پوليس موجب عورت مريم ۽ خدابخش ملڪ وڪيل معرفت مئجسٽريٽ وٽ شادي ڪئي آھي، عورت کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. پوليس عورت کي سيشن ڪورٽ گھوٽڪي جي عدالت ۾پيش ڪيو، سيشن ڪورٽ معاملو ٿرڊ ايڊيشنل جج ميرپورماٿيلو ڏانهن موڪليو جتي ٿرڊ ايڊيشنل جج عورت کي دارالامان سکر موڪلي ڇڏيو.