شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾11 سالن جي نينگري سان زيادتي جي ارادي سان ڇيڙ ڇاڙ، اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، ڪيس داخل، جوابدار گرفتار. خبر موجب شهر جي تنيا محلي جي رھواسڻ 11 سالن جي نينگري دعا ڌيءُ رضا محمد رتڙ سان نوجوان ثاقب ڪمبوهه پاران گھر ڀرسان گھٽي ۾ زيداتي جي ارادي سان مبينا ڇيڙ ڇاڙ ڪئي، جنهن تي نينگري دانھون ڪيون، جنهن بعد شھري گڏ ٿي ويا ته جوابدار موٽرسائيڪل تي چڙهي فرار ٿي ويو، نينگري دعا رتڙ جي پيءُ جي فرياد تي جوابدار ثاقب ڪمبوهه خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته سندس ڌيءُ دڪان تان گهر لاءِ سامان وٺي اچي رھي ھئي ته گھٽي ۾ جوابدر زيادتي ڪرڻ جي ارادي سان کيس ڇيڙ ڇاڙ ۽ موٽرسائيڪل تي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هوڏانهن پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.