مسڻ (ن پ ا) مسڻ ويجھو ڳوٺ جيو ڪاڪيپوٽا ۾35 ورھين جي تاج محمد ڪوري ولد محمد ابراھيم ڪوري گھرو پريشانين کان تنگ اچي زھريلي جيت مار دوا پي مبينا طور آپگهات جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي وارث سول اسپتال کڻي آيا، جتي نوجوان کي طبي امداد ڏني وئي.