نندو شھر (ن پ ا) نندو گرلز هاءِ اسڪول کي ٽيڪسي ڊرائيورن پارڪنگ بڻائي ڇڏيو. ڊرائيور پڙهائي واري وقت دوران اسڪول احاطي ۾ گاڏيون بيهاري ڪچهرين ۾ مصروف ، شاگردياڻيون پريشان. تفصيل موجب نندو گرلز هاءِ اسڪول ۾ مقرر ليڊي ٽيچرز کي مختلف هنڌن تان اسڪول کڻي ايندڙ 2 ٽيڪسي ڊرائيور ليڊي ٽيچرز کي اسڪول ۾ پهچائي واپس وڃڻ بدران گاڏين سميت اسڪول اندر ويهي رهن ٿا، جنهن جي ڪري اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردياڻين کي پريشان ٿيڻو پوي ٿو. شاگردياڻين جي والدين پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته بدين کان ليڊي ٽيچرز کي کڻي ايندڙ ڊرائيور گاڏين سميت اسڪول اندر ويهي رهن ٿا. ان ڪري سندن نياڻيون غيرمحفوظ بڻيل آهن. تعليم کاتي ۽ اسڪول انتظاميا کي بار بار شڪايتون ڪيون پر ڪيربه نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي. واضح رهي ته هن کان اڳ به گرلز اسڪول اندر گاڏيون بيهاري ڪچھري ڪندي ٻن ڊرائيورن جي وڊيو ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون پر ضلع تعليم کاتو ان معاملي تي خاموش تماشائي بڻيل آھي.