بند گهٽي ڏانهن ويندڙ عمران سرڪار

0
277
 نئين آرمي چيف جي مقرري سان ڪيترائي موضوع ۽ بحث پڄاڻي تي پهچي ويا آهن جنهن سان گڏ غيريقيني واري صورتحال به پنهنجي پڄاڻي تي پهچي وئي آهي. وڏي

جيتوڻيڪ وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ ذريعي بار بار مخالف ڌر کي اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته عالمي سطح تي  مهانگائي  جي نتيجي  ۾ هتي اسان جي ملڪ ۾ به مهانگائي ٿي آهي اسان ڪنهن  ٻئي سياري تي نه ٿا رهون.

دنيا ۾ قيمتون گهٽ ٿينديون ته هتي به قيمتون گهٽ ٿينديون، ان ۾ ايڏي واويلا ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ پر فواد چوڌري جي اهڙي آسان لفظن ۾ ڳالهه سمجهائڻ جي باوجود مخالف ڌر کي ته ڇڏيو سندس وزيراعظم عمران خان ئي پنهنجي پارٽي جا وفاقي ۽ صوبائي سطح وارا اجلاس طلب ڪري صوبن جي گورنرن کي به اجلاسن ۾ گهرائي مشورا ڪرڻ شروع ڪيا آهن ته ڇا ڪرڻ گهرجي؟ عمران خان ان کان اڳ پنهنجي پارٽي جي پارلياماني پارٽي جو هنگامي اجلاس ايترو جلدي طلب ڪري ورتو هو جو سندس ئي پارٽي جا ميمبر احتجاج ڪندي نظر آيا. ان اجلاس ۾ به وزير اعظم پنهنجن ميمبرن  کان مشورا ورتا ته ساڳئي وقت پارلياماني ميمبرن کي آگاهه به ڪيو ته موجوده صورتحال ڇا جي ڪري پيدا ٿي آهي،

 ان کي ڪيئن منهن ڏئي سگهجي ٿو؟ اهڙي پارلياماني اجلاس کانپوءِ وزيراعظم عمران خان پنهنجي پارٽي جي ڪور ڪميٽي جو به اجلاس گهرائي ورتو. وفاقي وزيرن سان الڳ اجلاس ته صوبائي ميمبرن سان الڳ اجلاس ڪندڙ وزيراعظم عمران خان  پنهنجي پارٽي جي اڳواڻن کي عوام ۾ وڃي اها ڳالهه پهچائڻ جون ذميواريون ڏيندي نظر اچي رهيو آهي ته اهي عوام ۾ وڃي اها  ڳالهه پهچائين ته عوام جي مٿان هي جيڪو پيٽرول بجلي مهانگائي ڪرڻ وارو بم ڪري رهيو آهي ان ۾ اسان جو ڪو به ڏوهه ناهي. عالمي سطح جي معيشت ۽ ڊالر جي قيمت ۾ ردوبدول جي ڪري مهانگائي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

وزيراعظم عمران خان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي پنهنجي تقرير ۾ قوم کي خوشخبري ٻڌائيندي چيو هو ته ڏکيا ڏينهن گذري ويا آهن هاڻي چڱن ڏينهن جي شروعات ٿي چڪي  آهي عوام به پنهنجي ملڪ جي وزيراعظم جي ڳالهه تي اعتماد ڪندي بهترين ڏينهن جي شروعات جو انتظار ڪري رهيو هو ته مٿان مهانگائي جو اهڙو طوفان اچي ڪڙڪيو آهي جو عوام کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته اهي جيڪڏهن گهٻرائن نه ته ڇا ڪن.؟ عمران خان هونئن ته نئين پاڪستان جو واعدو ڪيو هو پراڻي پاڪستان وارن مسئلن کان جند آجي ڪرڻ جو واعدو ڪري عمران خان هن ملڪ جو وزيراعظم ٿيو هو ان نئين ۽ پراڻي پاڪستان واري ڳالهه تي ته وري ڪنهن ٻئي دفعي  بحث ڪنداسين پر هينئر وزيراعظم پنهنجي ڪابينا  وارن کي چيو آهي ته ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي حتمي پلان کي جلد کان جلد تيار ڪري سامهون آندو وڃي. فواد چوڌري هڪ ڏينهن اڳ ئي چيو هو ته ملڪ کي سبسڊي تي هلائي نه ٿو سگهجي پر هينئر وزيراعظم ئي چئي رهيو آهي ته جلد کان جلد ٽارگيٽيڊسبسڊي جو پلان تيار ڪيو،

 جنهن سان هڪڙا پاڪستاني اهي هوندا جيڪي موٽر سائيڪلن رڪشا واري لائسينس ۾ سبسڊي تي پيٽرول حاصل ڪرڻ واري لائين ۾ هوندا ته  ٻيا وري پاڪستاني وڏين وڏين گاڏين وارا ساڳئي اگهه تي پيٽرل حاصل ڪري رهيا هوندا.  اهوحتمي پلان ڪنهن احساس ڪارڊ يا ڪسان ڪارڊ جيان به سامهون اچي سگهي ٿو پر ان احساس ڪارڊ يا ڪسان ڪارڊ ذريعي عوام پيٽرول کانسواءِ مهانگيون ٿي ويل  شيون عوام ڪيئن حاصل ڪري سگهندو؟ وزيراعظم جي اجلاسن ۾ شريڪ ٿيندڙ وزير چون ٿا ته هفتي اندر مهانگائي تي ضابطو اچي ويندو پر اسد عمر جهڙا وزير سمجهن  ٿا ته ايندڙ مارچ تائين مهانگائي رهندي.

 هاڻي خبر ناهي ته هن مهانگائي جي طوفان کي حڪومت ڪيئن ٿي منهن ڏي؟ پر اهڙن ڏينهن دوران قومي اسيمبلي جا هلندڙ اجلاس حڪومتي  ميمبرن جي عدم دلچسپي سبب ڪورم جي ور چڙهي رهيا آهن.

حڪومتي وزير ته پري جي ڳالهه پر حڪومتي ميمبر به اسيمبلي جي اجلاسن ۾ نه ٿا اچن. حڪومتي ميمبرن وٽ اهڙا ڪي دليل ناهن رهيا جنهن   اهي پنهنجي ڪارڪردگي کي بيان ڪري سگهن جڏهن ته هي هن حڪومت جا آخري ٻه سال آهن. حڪومتي ميمبرن جو پنهنجو چوڻ آهي ته اهي پنهنجي حلقي جي عوام کي ڪهڙو منهن  ڏيکارين ؟ حڪومت احتساب جو نعرو هڻي جنهن طريقي سان مخالف ڌر جي اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو هو اهڙي احتساب جي نعري وارو دليل به هاڻي حڪومتي ميمبرن جي بيانيي  کي سگهه فراهم نه پيو ڪري.هينئر جنهن طريقي سان خورشيد شاهه جي سپريم ڪورٽ ضمانت منظور ڪئي آهي ان نيب جي ڪارڪردگي کي به وائکو ڪري ڇڏيو آهي ته  خورشيد شاهه جيڪو گذريل ٻن سالن کان نيب جي تحويل ۾ هو حڪومت عمران خان جي هئي پر نيب پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه خلاف ڪي ثبوت  فراهم ڪري نه سگهي. نيب ڪنهن به الزام جي جاچ مڪمل ڪري سپريم ڪورٽ آڏو پيش ڪري نه سگهي.  جنهن نيب جي ڪارڪردگي نيب ترجمان روز جي بنياد تي بيان ڪندو آهي  پر هتي سپريم ڪورٽ اندر نواز  ليگ جي سعد رفيق جو ڪيس هجي يا پيپلز پارٽي جي خورشيد شاهه جو نيب جي ڪارڪردگي احتساب بدران انتقام واري نظر آئي آهي. ٻيو ته نيب پنهنجي بنيادي نعري ته احتساب سڀني جي لاءِ مطلب نيب ڪيس ڏسندي آهي فيس ناهي ڏسندي وارو دليل يا نعرو به هاڻي حقيقت جي بر عڪس لڳي ٿو.

 ڇو ته هن احتساب واري ڄار ۾ هينئر تائين رڳو مخالف ڌر  وارا ئي ڦاسندا رهيا آهن، حڪومتي وزير مشير هن ڄار جو شڪار ڪڏهن به ناهن بڻيا، جنهن ڪري هينئر به سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه چوي ٿو ته نيب وارا سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي چوڏس گهيرو تنگ ڪري رهيا آهن، هي ادارن سان ٽڪراءُ آهي.

ادارن سان ٽڪراءُ واري ڳالهه تي ياد آيو ته وفاقي وزير شيخ رشيد جيڪو چئي رهيو هو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ  وارو نوٽيفڪشن هڪ هفتي اندر حل ٿي ويندو، اهو نوٽيفڪيشن ته هينئر تائين  جاري ناهي ٿيو. فواد چوڌري چيو هو ته معاملا حل ٿي ويا آهن، ڪجهه فني معاملا آهن جيڪي  به حل ٿيڻا آهن. هينئر جون خبرون آهن ته ڪراچي جي ڪور ڪمانڊر آءِ ايس پي آر جي پريس رليز مطابق ڊي جي آءِ ايس آءِ نديم انجم وزيراعظم سان ملاقات به ڪئي آهي.

 وزيراعظم عمران خان کي سعودي عر ب جي دوري تي وڃڻو آهي جڏهن تي ملڪ اندر اهو سوال بحث جو موضوع بڻيل آهي ته وزيراعظم سعودي عرب جي دوري کان اڳ نئين  ڊي جي آءِ ايس آءِ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ويندو يا ان معاملي کي سعودي عرب جي دوري کانپوءِ جي معاملن تائين رکندو؟ ڇا وزيراعظم نديم انجم کي ئي ڊي جي آءِ ايس  آءِ مقرر ڪندو يا ڪنهن ٻئي نالي جو ڪڻو به نڪري سگهي ٿو؟ هي سڀ اهي سوال آهن جيڪي گذريل ٻن هفتن  کان بحث جو موضوع بڻيل آهن پر وزيراعظم هڪڙي نوٽيفڪيشن ذريعي اهڙي مونجهاري کي ختم ڪرڻ بجاءِ ان مونجهاري وار ڪيفيت ۾ اهڙي سوال کي بحث جو موضوع بڻائي چڪو آهي جنهن سان هاڻي ملڪ اندر اهو سوال هر جڳهه تي بحث هيٺ آهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جو اختيار ڪنهن کي آهي؟ اهو سوال هاڻي مخالف ڌر جي پي ڊي ايم وارن جلسن ۾ به تقريرن ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.

 هڪڙي پاسي ووٽ کي عزت ڏيارڻ واري تحريڪ هلائيندڙ مريم نواز به تسليم ڪري ٿي ته اهو اختيار وزيراعظم جو آهي  پر اهي عمران خان کي وزيراعظم تسليم نه ٿا ڪن ته ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان وارا آهن جيڪي شهباز شريف جي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ واري حيثيت کان انڪاري رهيا آهن. عمران خان نيب چيئرمين جي مقرري کان ويندي اليڪشن ڪميشن جي تشڪيل تائين مخالف ڌر جي اڳواڻ سان مشوري واري آئيني معاملي کي به رڳو انهي ڪري مونجهاري جي ور چاڙهيو جو هو شهباز شريف سان ملاقات ڪرڻ کان ئي انڪاري رهيو آهي.

تنهن ڪري پارليامينٽ اندر مخالف ڌر وارا وزيراعظم کي وزيراعظم تسليم نه ٿا ڪن ته ٻئي طرف وزيراعظم وارا مخالف ڌر کي  مخالف ڌر واري حيثيت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، ان سڄي صورتحال ۾ جيتو ڻيڪ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره پنهنجي ذاتي راءِ ظاهر ڪندي چيو آهي ته مخالف ڌر کي گڏيل حڪمت عملي سان اڳتي وڌڻ گهرجي پر هينئر تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته مخالف ڌر عمران خان کي هٽائڻ چاهي ٿي يا ايندڙ چونڊون صاف شفاف چاهي ٿي .

مخالف ڌر جي ايجنڊا واضح هجي يا نه پر هن سڄي صورتحال ۾ وزيراعظم عمران خان ڊي جي آءِ ايس آءِ واري نوٽيفڪيشن واري معاملي کانپوءِ اڪيلائپ جو شڪار ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. هڪڙي طرف اهي خبرون به آهن ته نواز ليگ جي اڳواڻ شهباز شريف جون اهم شخصيتن سان ملاقاتن جي سلسلو به جاري آهي،

 جڏهن ته ڊي جي آءِ ايس آءِ واري نوٽيفڪيشن جي معاملي تي ساڳيو پئج هاڻي ايترو ساڳيو به نه رهيو آهي جڏهن ته شوڪت ترين جي آمريڪا ۾ آءِ ايم ايف سان ڳالهين جا نتيجا به حڪومت جي حق ۾ نظر نه پيا اچن،جنهن ڪري مهانگائي وارو معاملو به مارچ تائين موجود رهندو.

 ان سڄي صورتحال ۾ وزيراعظم عمران خان وٽ ڪهڙا رستا باقي رهن ٿا، جنهن سان هو ملڪ جي عوام کي مهانگائي کان نجات ڏياري سگهي. ساڳئي وقت ملڪ کي آئيني  قانوني  ۽ نوٽيفڪيشن وارن معاملن کان به ٻاهر ڪڍي غير يقيني واري صورتحال کان نجات ڏياري. هينئر  صورتحال اهڙي آهي جو ملڪ جو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪابل جي دوري تي آهي جنهن کانپوءِ اهي سوال پڇيا پيا وڃن ته شاهه محمود قريشي سان گڏ ڪير ڪير  آهن؟

جنرل فيض حميد به آهي جيڪڏهن آهي ته سندس نالو پرڏيهي وزارت جاري ڪيو آهي؟ جيڪڏهن جاري ناهي ڪيو ته ڇو جاري ناهي ڪيو،؟ جيڪڏهن ڪيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي حيثيت برقرار رکيل آهي يا سندس عهدو پشاور ڪور ڪمانڊر طور ڄاڻايو ويو آهي؟ هي اهڙي غير يقيني واري  صورتحال آهي جنهن مان وزيراعظم عمران خان چاهي ته هڪ ڏينهن اندر نوٽيفيڪشن جاري ڪري نڪري به سگهي ٿو جيڪڏهن چاهي ته ملڪ کي غير يقيني واري ڪيفيت ۾ مبتلا رکي سعودي عرب جي دوري تي روانو به ٿي سگهي ٿو، جنهن سان سياسي تنهائي ۾ ويتر اضافو ٿيندو.