حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ “هڪڙي پيج” تي نه رهيا آهن ؟

0
218
پنهنجي طبقي لاءِ بااختيار ۽ عوام لاءِ بي اختيار بڻيل وزيراعظم!

                 دنيا جي تاريخ ۾ هيستائين ڪو به اهڙو ملڪ يا خطو رڪارڊ تي ناهي، جنهن کي شروع شروع ۾ ڪي وڏا ۽ سخت معاشي، عسڪري، سفارتي ۽ سياسي بحران درپيش نه ٿيا هجن. روس ۾ جنهن وقت لينن جي قيادت ۾ انقلاب برپا ٿيو، ته ڪهڙو مسئلو نه هو،

 جنهن کي روسي عوام تنهن وقت مُنهن نه ڏئي رهيو هو، پر ڪجهه سالن جي اندر اهو ملڪ معاشي، عسڪري ۽ سفارتي ميدان ۾ دنيا جي سپر طاقت آمريڪا لاءِ هڪ وڏو چئلينج ٿي پيو. چين ۾ جنهن وقت مائوزيتنگ انقلاب آندو،

تنهن وقت چين هر قسم جي سنگين بحران ۾ ورتل هو، پر اڄ صرف ستر سالن جي مختصر وقت ۾ دنيا جو ٻيو نمبر طاقتور ملڪ ٿي ويو آهي ۽ آمريڪا ان کي پنهنجي سامراجي بالادستي جي لاءِ وڏي کان وڏو خطرو سمجهي رهيو آهي.

ايئن ٻيا ڪيترا ملڪ آهن، جن جو هتي ذڪر ڪري سگهجي ٿو پر ڳالهه ڊگهي ٿي ويندي تنهنڪري ان کي مختصر ڪجي ٿو. بدقسمتي سان پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن ۾ سرفهرست آهي، جيڪو پنهنجي وجود کان يعني پيدا ٿيڻ واري وقت کان وٺي هڪ گهڻ طرفي ۽ سخت بحران ۾ ورتل آهي، جيڪو هن 73 سالن جي پيري ۾ به ان جي جان ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي.

جڏهن جڏهن به هي رياست بحران جو شڪار ٿي آهي، تڏهن ان جو سڀ کان پهريون شڪار اقتدار جي مسند تي ويٺل ڌر ٿي آهي. باقي عوام گذريل 73 سالن کان هڪڙي پاسي وقتي حڪمرانن جي دوکن ۽ دولابن ۾ اچي ۽ ٻئي پاسي رياستي پاليسين ۽ فيصلن جي نتيجي ۾ جيترو ڀوڳيو ۽ تباهه ٿيو آهي،

 تنهن جو مثال دنيا جي تاريخ ۾ گهٽ ملي ٿو. هن وقت به جڏهن رياست پاڪستان هڪ سخت قسم جي سياسي، معاشي ۽ سفارتي بحران ۾ ورتل آهي ته هڪ دفعو ٻيهر حڪومت ۽ رياست جي اهم اداري جنهن کي اسان عام ٻولي ۾ اسٽيبلشمينٽ چوندا آهيون،

 تنهن ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا آهن، جيڪي هر لحاظ کان هڪ فطري اختلاف آهن، جنهن سان هن ملڪ جي پوري تاريخ ڀري پئي آهي.

 ماضي کي ڇڏي ڪري اچو ته موجوده اختلافن جو جائزو وٺون ۽ ان ۾ به خاص طور تي ان ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته موجوده حڪومت کي ڪهڙي قسم جا مسئلا درپيش آهن؟ ڇا اها ان گهڻ طرفي بحران مان ڪاميابي سان نڪري ايندي؟ يا ماضي جي حڪومتن جيان موجوده حڪومت به ان بحران کي پاڻ سان گڏ کڻي گهر ڀيڙو ٿي ويندي.

مخالف ڌر جو خطرو

ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته گذريل ٽن سالن دوران موجوده حڪومت جي لاءِ مخالف ڌر ڪو وڏو خطرو پيدا نه ڪري سگهي. جنهن جو بنيادي سبب اهو هو ته حڪومت سان اسٽيبلشمينٽ گڏ بيٺي هئي ۽ سڄي ملڪ ۾ حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ “هڪڙي پيج تي هئڻ” جهڙي فخريه پيشڪش جاري هئي ۽ اسان جو وزيراعظم عمران خان ته ان “هڪڙي پيج” واري فخريه پيشڪش کي وڏي فخر سان بيان ڪندي چيو هو ته “ماضي جون حڪومتون ان ڪري ڪاميابي سان نه هلي سگهيون، جو اهي هڪڙي پيج تي نه هيون،

 جيئن منهنجي حڪومت اسٽيبلشمينٽ سان هڪڙي پيج تي آهي.” هاڻي عمران خان وارو اهو “هڪڙو پيج” پنهنجو منطقي مدو پورو ڪري آخري پساهن ۾ پهچي چڪو آهي. جنهن جي تلاش مخالف ڌر کي به هئي ۽ هن وقت مخالف ڌر جي لاءِ سڀ کان وڏو موقعو وزيراعظم عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ جهيڙي جي صورت ۾ مليو آهي،

 ان کان اڳ مخالف ڌر کي ٻيا سڀ موقعا مليا پر حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ “هڪڙي پيج” تي هئڻ سبب اها انهن موقعن مان فائدو وٺي نه سگهي. هن وقت هڪڙي پاسي پيپلز پارٽي حڪومت کي سخت چئلينج ڏيڻ جا اعلان ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي نواز ليگ به اهڙي موقعي کي نظر ۾ رکندي پنهنجي موقف ۾ هڪ حد تائين تبديلي آندي آهي.

نواز شريف ۽ مريم نواز سميت نواز ليگ جي قيادت اڳي ملڪ جي سڄي بحران جو ذميوار هڪ وڏي اداري جي سربراهه کي سمجهندا هئا، جنهن جو برملا اظهار نواز شريف گوجرانوالا جلسي ۾ ڪيو هو، پر گذريل ڏينهن فيصل آباد ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته هڪڙي “ڳجهي” اداري جو سربراهه ملڪ ۾ سڄي خرابي جو ذميوار آهي.

 نه صرف مريم نواز اهو چيو پر جلسي ۾ نعرا لڳرائي هن کان پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو. هڪڙي پاسي مخالف ڌر جو اهڙو موقف آهي ته وري ٻئي پاسي اسٽيبلشمينٽ جو جائزو وٺجي ته ان مان به لڳي ٿو ته اها سڄي اداري کي بچائڻ خاطر هڪ “فرد” کي قربان ڪرڻ جي لاءِ هڪ حد تائين راضي نظر اچي پئي.

ملڪ جي معاشي صورتحال

ملڪ جي معاشي صورتحال گذريل ٽن نه پر 73 سالن کان خراب آهي، جنهن ۾ وقت گذرڻ سان گڏ گهٽتائي بدران واڌارو ئي ٿيو آهي. هن وقت ملڪ تي 46 هزار ارب رپين کان به وڌيڪ قرض آهي، 40 سيڪڙي کان وڌيڪ غربت آهي. هن حڪومت ۾ 20 لکن کان وڌيڪ ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن.

مهانگائي ۾ ڏينهون واڌ ٿي رهي آهي. گذريل ٽن سالن ۾ هن حڪومت هر دفعي پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو آهي، هيستائين تقريبن 45 رپيا في ليٽر تي واڌ ڪري چڪي آهي ۽ جيڪڏهن آءِ ايم ايف جو اهو پروگرام جاري رهيو ته پيٽرول في ليٽر 170 رپين تي پهچي ويندو.

جنهن وقت عمران خان کي حڪومت ملي هئي تنهن وقت ڊالر 123 رپيا هو ۽ هاڻي ان ۾ 52 رپيا واڌ ٿي آهي ۽ اهو 175 رپين تي پهچي ويو آهي. ناڻي جو خاص صلاحڪار شوڪت ترين چوي ٿو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي لاءِ ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جو قدر ڪيرايو.

آءِ ايم ايف 334 ارب رپين جا ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ مهانگائي ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ بجلي قيمتن ۾ في يونٽ اڍائي رپيا واڌ ڪئي ويندي. جنهن ۾ هن وقت 1 رپيو 39 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي، وري ڪجهه ڏينهن کان پوءِ 1 رپيو 20 پيسا ٻي واڌ ڪئي ويندي.

 ملڪ اندر يوٽيلٽي اسٽورن تي کاڄرو تيل جي في ليٽر قيمتن ۾ 110 رپين تائين اضافو ٿي ويو آهي. ان سان گڏ کنڊ 115 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي ۽ اٽو 75 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي. تنهنڪري مجموعي طور معاشي صورتحال عمران خان جي حڪومت لاءِ هڪ وڏو چئلينج هئي، جنهن ۾ سندس حڪومت ڪا خاطر خواهه گهٽتائي آڻڻ بدران ان ۾ گهڻو واڌارو ڪيو آهي.

اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت جا تعلقات

18 آگسٽ 2018ع کان وٺي 6 آڪٽوبر 2021ع تائين اسٽيبلشمينٽ ۽ وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ۾ هر سطح تي تعلقات سٺا رهيا، اها ٻئي ڳالهه آهي ته ان عرصي دوران محسوس نه ٿيندڙ انداز ۾ انهن ٻنهي جي وچ ۾ جزوي معاملن ۽ مسئلن تي وقتي طور ڪي اختلاف رهيا،

پر مجموعي طور تي انهن ٻنهي جا تعلقات بهتر رهيا، جنهن جو اظهار وزيراعظم عمران خان ۽ سندس ڪابينا جا ميمبر بار بار پريس ڪانفرنسز يا عوامي جلسن ۽ ميٽنگن ۾ ڪندا رهندا هئا.

پر هاڻ انهن وچ ۾ تعلقات جي تازي صورتحال اها آهي جو شيخ رشيد جيڪو “پنڊي بواءِ” طور مشهور آهي ۽ هن حڪومت ۾ وفاقي گهرو وزير آهي، اهو به چوي ٿو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي معاملن جي مون کي خبر ناهي، نه صرف اهو پر شيخ صاحب هن وقت اهڙي قسمن جي سوالن تي صفا چڙيو چڙيو ٿو وڃي.

هاڻي اهو سوال آهي ته ڇا حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ تعلقات جلد بهتر ٿي ويندا؟ جيڪڏهن اسان انهيءَ سوال کي پاڪستان جي تاريخ جي روشني ۾ ڏسنداسين ته انهيءَ جو جواب نه ۾ ئي ملندو. ڇو ته جڏهن به حڪومت جا اسٽيبلشمينٽ سان تعلقات خراب ٿيا آهن، نتيجي ۾ نقصان حڪومت کي برداشت ڪرڻو پيو آهي.

 ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي به حڪومت جا جڏهن اسٽيبلشمينٽ ۽ آمريڪا سان تعلقات خراب ٿيا ته 9 مهينن جي اندر سندس حڪومت گهر ڀيڙو ٿي وئي هئي.

بينظير ڀٽو صاحبه جي پهرين حڪومت جا به جڏهن اسٽيبلشمينٽ سان معاملا بگڙي ويا ته اها 5 مهينن جي اندر گهر ڀيڙو ٿي وئي، جڏهن ته حڪومت کي قائم ٿئي اڃان 14 مهينا به مس ٿيا هئا. بينظير صاحبه جو ٻيو حڪومتي دور به 3 سالن کان وڌيڪ نه هلي سگهيو.

ايئن نواز شريف سان ٽي دفعا ٿيو ۽ هن کي اسٽيبلشمينٽ سان جهيڙي ڪرڻ جي نتيجي ۾ گهر وڃڻو پئجي ويو. ها ان وچ ۾ صرف آصف زرداري جو هڪڙو اهڙو حڪومتي دور آهي، جنهن ۾ 2009ع ۾ چيف جسٽس افتخار چوڌري جي بحالي تي اسٽيبلشمينٽ ۽ هن ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا، پر پوءِ آصف زرداري صدر هوندي ان سڄي معاملي کي سنڀالي ويو ۽ پنهنجي حڪومت جا پنج سال پورا ڪيائين. وزيراعظم عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ جنهن وقت تعلقات خراب ٿيا آهن،

 اتفاق سان ان وقت ملڪ جي معاشي حالت اڳي کان به بدتر آهي ۽ سخت ڪوششون وٺڻ جي باوجود به ان ۾ ڪا ذري جي بهتري نه اچي سگهي آهي. وري ٻئي پاسي عمران خان جنهن قسم جي سخت احتساب جو نعرو هنيو هو، حڪومت کي ٽي سال گذرڻ باوجود به ان ڏس ۾ ڪا خاص ۽ قابل ذڪر ڪاميابي نه ملي سگهي آهي.

 هاڻي پيپلز پارٽي، نواز ليگ يا ڪنهن ٻئي مخالف ڌر تي جيڪڏهن ڪو نئون ڪيس داخل ٿئي ٿو يا اهڙي قسم جي ڪنهن ڪرپشن جو ذڪر اچي ٿو ته عام ماڻهو به چوي ٿو ته اها وري ڪا نئين راند هوندي. يعني هاڻي عوام جي اڪثريت به سمجهي ٿي ته هن ملڪ ۾ ڪرپشن کي ختم ڪرڻ جو نعرو معنيٰ بليڪ ميلنگ. ماضي جي حڪومتن ۾ سوين خرابيون پنهنجي جڳهه تي پر ڪرپشن خلاف هلندڙ بيانئي ۽ ڪيسن کي عام تاثر جي حدتائين سهي پر حقيقي سمجهيو ويندو هو،

پر موجوده حڪومت پنهنجي عملن سان ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته ڪرپشن خلاف ڪا وٺ پڪڙ نه پئي ٿئي، صرف بليڪ ميلنگ جي هڪ راند ٿي رهي آهي. ڀلا جيڪڏهن عمران خان ڪرپشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ صفا سنجيده هجي ها ته هن جي پنهنجي حڪومتي دور ۾ “کنڊ اسڪينڊل” ۽ “ڪڻڪ جي اسمگلنگ” ۾ ٿيل اربين رپين جي ڪرپشن ڪندڙن کي ڪا نالي ماتر ئي سهي ڪا سزا ڏياري سگهي ها يا انهن کان اهي ڪرپشن جا اربين رپيا واپس وٺي ڏيکاري ها.

تنهنڪري مجموعي طور تي حڪومت جي پنهنجي ڪارڪردگي، ملڪ جي معاشي حالت ۽ هاڻي اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت جي وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف ڪنهن به طرح حڪومت جي لاءِ فائدي وارا ناهن، تنهنڪري وزيراعظم عمران خان جي حڪومت پهريون دفعو هڪ گهڻ طرفي ۽ انتهائي سخت ۽ سنجيده بحران ۾ وٺجي چڪي آهي، جنهن مان ترت نڪري اچڻ جا امڪان نظر نٿا اچن.

[email protected]