حڪومتي دعوائون ۽ مهانگائي ۾ مٿي ويندڙ پاڪستان

0
283
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

هڪ طرف مهانگائي ملڪ ۾ قيامت برپا ڪري ڇڏي آهي ته ٻئي طرف وري حڪمرانن جا غلط ۽ اڍنگا دليل عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رهيا آهن،پر هن جديد ۽ سائبر دنيا ۾ ڪي اهي ڳالهيون گهڻو دير لڪي نه ٿيون سگهن جو عوام کي گهڻو وقت اونداهي ۾ رکڻ ۾ هي حڪمران ڪامياب ٿي سگهن.

 هن جديد ۽ سائبر عهد ۾ اطلاع ۽ خبر جا کوڙ ذريعا آهن رڳو پراڻي دور وانگر نه ته ڪو هڪڙي سرڪاري ٽي وي يا ريڊئي ذريعي حڪمران پنهنجي من پسند ڳالهين جي تشهير ڪري سمجهندا هئا ته هو عوام کي بي خبر رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. هاڻي ته اقتداري ايوان جي ڳجهن خانن مان به خبرون اڳواٽ عوام وٽ پهچي ٿيون وڃن ۽ حڪمران وري انهي سوشل ميڊيا يا ميڊيا کي قابو ڪرڻ لاءِ به ڪجهه  وقت اڳ تائين پي ايم ڊي اي ذريعي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هئا.

پر اهي ڪامياب نه ٿي سگهيا .هن وقت  ملڪ ۾ جنهن انداز ۾ مهانگائي وڌي رهي آهي عوام جو جيئڻ جنجال ٿي رهيو آهي ته حڪمران  ان کي سڄي دنيا جو مسئلو چئي عوام کي دوکي ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا پر عالمي ادارن جي رپورٽن هڻي حڪمرانن جي انهن دعوائن جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي.

عالمي معيشت تي نظر رکندڙ ساکائتي مئگزين “دي اڪنامسٽ”   ڪورونا کان پوءِ ملڪن جي معاشي حالتن ۽ دنيا ۾ مهانگائي بابت پنهنجي هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن اسان جي موجوده حڪمرانن جي انهن دعوائن کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو آهي ته ڪو پاڪستان اڃان به دنيا جي ڀيٽ ۾ سستو ملڪ آهي، جيڪا دعويٰ ڪندي اسان جا هاڻوڪا حڪمران ٿڪبا ئي نه هئا.

اهو اڃان الڳ بحث آهي ته پاڪستان ۾ روزگار جي صورتحال،قوت خريد ۽ في ڪس آمدني دنيا جي ڀيٽ ۾ ڪهڙي نمبر تي آهي جنهن کي سامهون رکي اهو سمجهي سگهجي ته ان حالت ۾ هتان جو عوام هن طوفان بڻجي ويل مهانگائي کي ڪيئن منهن ڏئي سگهندو.؟ مشهور عالمي رسالي “دي اڪانامسٽ” 46 ملڪن ۾ مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. رپورٽ موجب مهانگائي جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جي 46 ملڪن ۾ 43هين نمبر تي آهي.

پاڪستان ۾ گذريل مهيني مهانگائي جي شرح 9 سيڪڙو رهي. رپورٽ موجب مهانگائي جي شرح ڀارت ۾ 4.3 سيڪڙو آهي ۽ ڀارت جو نمبر 16هون آهي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ارجنٽائن ۾ آهي جتي مهانگائي جي شرح 51.4 سيڪڙو آهي. ٻئي نمبر تي ترڪي آهي جتي مهانگائي جي شرح 19.6 سيڪڙو آهي.

برازيل 10.2 سيڪڙو سان ٽئين نمبر تي آهي. رسالي جي رپورٽ موجب جاپان ۾ مهانگائي جي شرح ڪاٽو 0.4 سيڪڙو آهي.جڏهن پيٽرول جون قيمتون وڌيون ته اسان جي حڪمرانن اها دعويٰ ڪئي ته ڪجهه ملڪن کي ڇڏي دنيا ۽ پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان جي ملڪ ۾ اڃان به پيٽرول سستو آهي.

انهي وقت ئي اسان رڙيون پئي ڪيون ته جيڪڏهن پيٽرول  سستو آهي ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ٻين شينجي قيمتن سان به ڀيٽ ڪرڻ گهرجي ته انهن جي صورتحال ڇا آهي؟ توڙي جو حڪمرانن جي اها پيٽرول سستو هئڻ واري دعويٰ به رڳو لفظي جادوگري ۽ عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش هئي پر ٻين شين جون قيمتون به دنيا جي ڀيٽ ۾ هتي وڌيڪ مهانگيون ٿي رهيون هيون.

 حڪمرانن جي دعويٰ کانپوءِ اطلاع جي ٻين ذريعن خاص ڪري سوشل ميڊيا تي دنيا جي ٻين ملڪن ۽ پاڪستان ۾ قيمتن جي ڀيٽ ڪري حڪومتي دعويٰ کي رد ڪيو ويو. هاڻي ته عالمي ساک رکندڙ رسالي ملڪ ۾ مهانگائي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن مطابق پاڪستان دنيا جي 46 نمبرن مان چوٿين نمبر تي آهي مطلب رڳو ٽي ملڪ اهڙا آهن جن ۾ واڪستان کان وڌيڪ مهانگائي آهي باقي ملڪ ۽ اسان جي پاڙيسري ملڪن سميت پاڪستان کان سستا آهن ۽ انهن جي آمدني جا ذريعا ۽ في فرد ڪمائي به اسان جي ڀيٽ ۾ گهڻي بهتر آهي.

اسان سمجهون ٿا ته مهانگائي ڀلي عالمي مسئلو هجي پر ان سان مقابلو ڪرڻ ۽ پنهنجي عوام کي گهٽ ۾ گهٽ تڪليف ڏيڻ ئي حڪمرانن جي ذميواري آهي جيئن ٻيا ملڪ ڪري رهيا آهن، پر اسان جا حڪمران رڳو عالمي مسئلو هئڻ جو چئي پاڻ کي باقي ذميوارين کان ڄڻ ته آجو ڪري ٿا ڇڏين،پر هاڻي عوام انهن جي اهڙين ڳالهين ۾ نه ايندو، ڇاڪاڻ ته مخالف ڌر مهانگائي خلاف روڊن تي نڪري چڪي آهي ۽ حڪمرانن عوام کي  ڪو جلد رليف  نه ڏنو ته اها عوام مخالف ڌر سان گڏ روڊن تي هوندي.