مانچسٽر (دلچسپ نيوز) برطانوي ڪاميڊين واشنگ مشين ۾ انساني شڪل ڏسي حيران ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب مانچسٽرجي اسٽاڪ پورٽ سان تعلق رکندڙ فنڪار ايليڪس بورٽمين واشنگ مشين ورتي، مزاحيا فنڪار گهر اچي مشين کي هلايو ته ان ۾ انساني شڪل نظر آئي، ايليڪس بورٽمين پهرين ته خوف ۾ وٺجي ويو بعد ۾ هن ان جي وڊيو شيئر ڪئي، ان حوالي سان ايليڪس جو چوڻ هو ته واشنگ مشين ۾ گهمندي ڦرندي انساني شڪل ڏٺي ته خوف ٿيو پر مون کي بعد ۾ ياد آيو ته اهو منهنجي پالتو ڪتي جو پسنديدا وهاڻو آهي جنهن کي واشنگ مشين ۾ وجهي ڇڏيو. مزاحيا فنڪار جي ان وڊيو ۽ ڳالهه ٻولهه تي صارفين کلي کلي کيرا ٿي پيا ۽ دلچسپ ڪمينٽس پڻ شيئر ڪيا.