ٽوڪيو (دلچسپ نيوز) ڪيڙن سان تيار ڪيل انوکي پين وڪري لاءِ پيش ڪئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جاپان جي هڪ ڪمپني زندهه ڪيڙي واري انوکي پين تيار ڪئي. پين ۾ هڪ زندهه نيماٽوڊ ڪيڙو رکيو ويو جيڪو پراسرار لڳي ٿو، لکڻ وقت اهو ڪيڙو عجيب چرپر ڪري ٽن ڏينهن اندر مريو وڃي جنهن بعد اهو مئل ڪيڙو پين اندر موجود پاڻي ۾ ئي هوندو آهي. مارڪيٽ ۾ آندل پين جي شروعاتي قيمت 8 ڊالر 70 سينٽ رکي وئي آهي.