ٽوڪيو (دلچسپ نيوز) سينيما ۾ فلم ڏسڻ لاءِ انوکو طريقو متعارف ڪرايو ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪورونا جي بدترين حالتن بعد هاڻي اڪثر ملڪن ۾ سينيما هال کلي ويا آهن جڏهن ته جاپان جي هڪ سينيما ۾ ڪورونا کان بچاءُ لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا آهن، انتظاميا سينيما هال اندر هڪ هڪ ماڻهو لاءِ ڌار روم ٺاهي ڇڏيا آهن، ڌار روم ٺاهڻ لاءِ سيٽن کي ڪاٺ جون ڀتيون لڳايون ويون آهن جڏهن ته باڪس سيٽس نالي متعارف ڪرايل روم جي ٽڪيٽ پڻ سستي ڪئي وئي آهي، سيٽ تي فقط هڪ ماڻهو ويهي ۽ پنهنجو سامان رکي سگهي ٿو. ان حوالي سان سينيما انتطاميا جو چوڻ آهي ته اسان شوقين کي ڪورونا کان بچائڻ لاءِ اهي انتطام ڪيا آهن.