بدين ( رپورٽر) بدين شھر ۾ حيسڪو پاران روزانو 12کان 15ڪلاڪ لوڊ شڊنگ ڪرڻ کان علاوه ٻن ڏينھن کان فيڊر سٽي ٽو تي صبح 9 وڳي کان رات جو 9 وڳي تائين بجلي بند ڪري عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آھي. واپارين ۽ شھرين علي انور شاھ، روشن قاضي، ايم سومار ملاح ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته شھر جي ڳتيل علائقي سٽي ٽو فيڊر جي بجلي بند ٿيڻ سبب پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آھي، بجلي تي ھلندڙ ڪاروبار متاثر ٿيو آھي.  نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ شٽر بند ھڙتال جي ڪال ڏئي حيسڪو آفيس آڏو تاريخي ڌرڻو ھنيو ويندو.