حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آپڪا پاپوليشن جي ملازمن پگهارون وڌائڻ ۽ ترقين لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. مظاهرين هٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊز کڻي پنهنجي مطالبن جي حق ۾ نعريبازي به ڪئي. ان موقعي تي مظاهرين جي اڳواڻي ڪندڙ آپڪا پاپوليشن جي اڳواڻن فرمان ٻگهيو، مصطفيٰ پرهياڙ، سعيد احمد ۽ ٻين چيو ته پاپوليشن ويلفيئر کاتي يونٽ حيدرآباد جي ملازمن سان سخت ناانصافيون ٿي رهيون آهن. ملازم سالن کان پنهنجي ڊيوٽي ڪري رهيا آهن پر کين مٿين گريڊ ۾ ترقيون نه پيون ڏنيون وڃن. کين ٽائيم اسڪيل کان به محروم رکيو ويو آهي. کاتي ۾ نان ڪيڊر اڪائونٽنٽ کي عهدي تي ويهاري مبينا طور ڪرپشن ڪرائي پئي وڃي. هنن چيو ته ڊگهي عرصي کان سندن پگهارن ۾ پڻ واڌارو نه ٿيو آهي جنهن سبب مهانگائي جي ڪري هو سخت پريشان آهن. هنن مطالبو ڪيو ته پاپوليشن ويلفيئر کاتي يونٽ حيدرآباد جي ملازمن جا بنيادي مسئلا حل ڪري سندن پگهارون وڌائڻ سان گڏ ترقيون ڏنيون وڃن.