ڇاڇرو (ن پ ا)ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ قيمتي وڻن روهيڙو، ڪنڊي، ڪنڀٽ، کٻڙ سميت مختلف وڻن جي واڍي ۽ وڪري بابت ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر لال ڏنو منڱي نوٽيس وٺي وڻن جي واڍي بابت ايس ايس پي ٿرپارڪر عابد علي بلوچ، چيف ڪنزرويٽر آف فاريسٽ حيدرآباد، اسسٽنٽ ڪمشنر ڇاڇرو ۽ ڏاهلي سب ڊويزنل فاريسٽ آفيسر رينج مئنيجمينٽ ڊويزن ٿرپارڪر ڏانهن خط لکي ڇڏيو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو آهي ته وڻن کي وڍي وڏي پئماني تي وڻن جي واڍي جي حوالي سان عوام کان شڪايتون اچي رهيون آهن. انڪري اوهان ”دي ڪٽنگ آف ٽريز (پروهبيشن) ايڪٽ 1992 ۽ ٻيلي ايڪٽ تحت قانوني قدم کڻو ، بيٺل وڻن کي نقصان نه پهچائيندڙ خلاف سخت قدم کنيا وڃن.