ٽنڊوباگو(رپورٽ انور عباسي)  بدين ضلعي ۾ پرديسي پکين جو شڪار بند نه ٿي سگھيو آهي، جتي شڪاري سرِ عام شڪار ڪري رهيا آهن. سياري جي مند اچڻ ڪري بدين ضلعي جي سامونڊي  پٽي سيراڻي، احمد راڄو، روپا ماڙي، ٻھڊمي، ڪڍڻ، شيخاڻي گھاڙي، بڙ جو ڍورو، ڪونجسر ڪانٽو جي آس پاس جي ڍنڍن نريڙي، ڪنڊڙي، جھٻو، گھاڙي ۽ ٻين ڍنڍن، سنڌو درياه جي پراڻن وھڪرن نيرو، پراڻ، پٽيل ۽ ھاڪڙو جي ڍورن ۾ شڪار ڪيو پيو وڃي. بدين، گولاڙچي، تلھار، ماتلي ۽ ٽنڊوباگو تعلقن جي سوين ڍنڍن ڦوسڻا، چروو، ڪانگن، کاڌي، ڪاڪ، گونو، ھاليجي، جاڙي ۽ ٻين ڍنڍن سميت زميندارن جي فش فارمن ۾ ٿڌن ملڪن کان ايندڙ پرڏيھي پکين جي اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.  ھرسال جيان ھن سال به آڙي، ڊگوش، نيرڳي، ٿوراندو،  چيڪلو، پيڻ، ڪونج، ھنج، تلور پکين جا قسم لکن جي تعداد ۾ بدين جي پاڻين وارن علائقن ۾ اچي ويا آهن. ماحوليات جي ماھرن ناصر پنھور ۽ محمد اسماعيل ڪنڀر موجب پرڏيھي پکي سنڌو درياھ جي فلائي وي زريعي سنڌ ۾ داخل ٿين ٿا. دنيا ۾ ھڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ۾ ھجرت ڪندڙ پکين جا 2200 قسم آهن. جن مان صرف چند قسمن جا پکي سنڌ ۾ اچن ٿا. وڌندڙ شڪار جي رجحان سبب ڪئناڊا جي جھنگلي کاتي جي طرفان 1920 ۾ پکين جي پيرن ۾ ڇلا پارايا ويا هئا جيئن ڳاڻيٽو ڪري سگهجي ته ھر ھرسال گھڻا پکي شڪار ٿين ٿا. برساتي ٻوڏ ڪري پکين جي  وڌيڪ ٿيل موت سبب ھن سال سنڌ حڪومت طرفان پکين جي شڪار تي ھنيل بندش باوجود پکين جو شڪار جاري آهي. وائلڊ لائف کاتي جي لاپرواھي سبب بندوقن، رڇن، ڍٻين ۽ وانجھارن زريعي شڪار ٿيل جيئرا پکي بدين، ٽنڊوباگو، تلھار، گولاڙچي، راڄوخاناڻي، سيراڻي،  پنگريو، شادي لارج،  نندو، ڪڍڻ، کوسڪي ۽ ٻين شھرن ۽  ڳوٺن ۾ 300 کان وٺي 1200 جي حساب سان وڪرو ٿي رھيا آهن. جن ۾ آڙي 300، چيڪلو 509 ٿوراندو ۽ ڊگوش 800 ۽ نيرڳي 1200 رپين  ملي ٿو. ان سان گڏ بدين ضلعي جي سامونڊي پٽي ۾ مقامي ماڻهن پاران بازن جو شڪار ڪرڻ لاء ڪيمپون قائم ڪري ورتيون آهن. جتي بازن کي رڇن ۽ کوکن ۾ ڦاسائي عربن جي مقامي ڊيلرن کي 5 لکن کان 15 لکن ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو.