قاضي احمد (ن پ ا) اليڪشن جي تياري ڪريو، آصف علي زرداري جي پارٽي اڳواڻن کي هدايت، قومي ۽ صوبائي اليڪشن جي حوالي سان سرگرميون شروع ڪري ڇڏيو، خبر موجب ملڪ جي اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ڪراچي ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي ڀيڻ جي شادي ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي سيد فصيح احمد سان مختصر ملاقات دوران مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي، فصيح شاهه ٻڌايو ته آصف علي زرداري ملڪي اليڪشن جي حوالي سان سرگرميون شروع ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آھن، هن چيو ته پارٽي اڳواڻ اليڪشن جي حوالي سان فوري طور پنهنجيون سرگرميون تيز ڪن.