ڪوئيٽا (م ڊ) بي بي گران ناز ۽ سندس ٻارن جي اغوا ۽ اڻڄاتل عورت سميت ٽن ڄڻن جي قتل جي جوابدار بلوچستان جي صوبائي وزير عبدالرحمان کيتران کي ضمانت ملڻ تي ڊسٽرڪٽ جيل ڪوئيٽا مان آزاد ڪيو ويو آهي. عدالت 10 مارچ تي قتل ۽ اغوا جي ڪيس ۾ صوبائي وزير جي ڏهه لک رُپين ۾ ضمانت منظور ڪئي هئي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج بارکان طرفان سپرنٽنٽڊنٽ ڊسٽرڪٽ جيل ڏانهن لکيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته سردار عبدالرحمان کيتران جي ضمانت منظور ٿيڻ کانپوءِ کيس 10 لک رُپين جي ضمانت عدالت ۾ ڪرائي ڇڏي آهي. حڪم نامي موجب جيڪڏهن هو ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گهربل ناهي ته کيس جيل مان آزاد ڪيو وڃي، جنهن کانپوءِ ڊسٽرڪٽ جيل انتظاميا سردار عبدالرحمان کيتران کي آزاد ڪري ڇڏيو. صوبائي وزير جي آزادي جي موقعي تي جيل ٻاهران کيتران قبيلي جي نمائندن جو وڏو انگ موجود هوم جن سندس آجيان ڪئي، ياد رهي ته بلوچستان جي گهرو وزير هڪ بيان ۾ چيو هو ته بارکان واقعي ۾ سردار عبدالرحمان کيتران پاڻ گرفتاري پيش ڪئي.