اسلام آباد (بيورو رپورٽ) واپڊا ايندڙ 7 سالن ۾ پاڻي تي بجلي ٺاهڻ جي منصوبن کي مڪمل ڪري نيشنل گرڊ ۾ وڌيڪ 10 هزار ميگاواٽ بجلي جو اضافو ڪندو، واپڊا ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته واپڊا 2030ع تائين پاڻي ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبن کي مڪمل ڪيو ويندو، 10 هزار ميگاواٽ اضافي بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ٿيندي، ملڪ ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي مجموعي صلاحيت ۾ 12 ملين ايڪڙ فٽ جو اضافو ٿيندو، موجوده وقت ۾ پاڻي ذريعي بجلي پيداوار لڳ ڀڳ 9 هزار ميگاوٽ آهي، واپڊا ترجمان موجب  واپڊا جي تعمير هيٺ منصوبن ۾ ديامير ڀاشا ڊيم، داسو پاور پراجيڪٽ، مهمند ڊيم، تربيلا جو پنجون توسيعي منصوبو، نئين گاج، ڪرم تنگي ڊيم، ڪڇي ڪينال، ڪي فور پراجيڪٽ ۽ ٻيا منصوبا شامل آهن، وفاقي حڪومت جي امداد ۽ عالمي مالياتي ادارن جي معاونت سان اهي منصوبا 2024 کان 2030 دوران مرحليوار مڪمل ٿيندا.