اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ملڪي صورتحال تي آمريڪي ڪانگريس جي پرڏيهي معاملن واري ڪاميٽي جي سينيئر ميمبر بريڊ شرمين سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. عمران خان سان ڳالهائڻ کانپوءِ بريڊ شرمين پنهنجي هڪ بيان ۾ پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني ۽ جهموريت کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڏنو ۽ طاقت جي استعمال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ اختيارين کي اظهار جي آزادي کي يقيني بڻائڻ گهرجي، هن ظل شاهه جي موت ۽ ارشد شريف جي قتل جي شفاف جاچ جو به مطالبو ڪيو.