لاهور (م ڊ) پنجاب جي اڳوڻي گورنر چوڌري محمد سرور  ق ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. مسلم ليگ هائوس لاهور ۾ ٿيل پريس ڪانفرنس ۾ باقاعده شرڪت جو اعلان ڪندي چوڌري سرور چيو ته مون سوين دوستن سان صلاح ڪئي، سڀني مون کي چيو ته چوڌري شجاعت حسين سان گڏ هلو، هو خوبصورت، قابل اعتماد ۽ ايماندار شخص آهي، هن سدائين ملڪ ۾ ماڻهن کي ڳنڍڻ ۽ جوڙڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي، هن چيو ته انهن حالتن ۾ جڏهن بدقسمتيءَ سان ملڪ ۾ سياسي اختلاف دشمنيءَ ۾ تبديل ٿي ويا آهن ۽ سياستدان انتهائي ڏکين حالتن باوجود گڏ ويهڻ لاءِ تيار نه آهن، آئون ملڪ جي سمورين قوتن کي دعوت ڏيان ٿو ته اهي گڏجي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي جي شروعات ڪن. هن چيو ته ملڪ تي حڪمراني ڪنهن کي ڪرڻي آهي ان جو فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي پر اسان کي هن ڏکئي حالتن ۾ گڏ ويهڻ گهرجي. پنجاب جي اڳوڻي گورنر چيو ته برطانيا ۾ اليڪشن جي ٽڪيٽ پارٽي سربراهه نه پر مقامي قيادت ڏيندي آهي، مقامي قيادت فيصلو ڪندي آهن ته سندن نمائندو ڪير هوندو؟ جڏهن ته پاڪستان ۾ ڪارڪنن کي اهميت نه ڏني ويندي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان ملڪ ۾ ادارن کي مضبوط ڪريون، ڪارڪردگي بهتر ڪريون، پنهنجي صلاحيت جي مطابق ڪم ڪريون ته ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو، غربت ۽ بدحالي هتان ختم ٿي سگهي ٿي، اسان کي پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائڻ گهرجي. چوڌري سرور چيو ته نوجوانن کي پنهنجي ووٽ جي طاقت ۽ هن نظام کي سمجهڻ گهرجي، جيڪڏهن هو حڪومت جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن نه آهن ته هڪ حڪومت کي هٽائڻ ۽ ٻي حڪومت آڻڻ آئين موجب نوجوانن جي هٿ ۾ آهي. جيڪڏهن توهان پاڻ کي ڪنهن پارٽيءَ جو اوزار بڻايو ته اهو ملڪ کي نقصان پهچائي سگهي ٿو. چوڌري سرور پنجاب حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪن ظل شاهه جي موت تي جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن.