بابر اعظم جي هم شڪل ڪنوار، مداح دنگ رهجي ويا، سوشل ميڊيا تي تبصرا

0
290
بابر اعظم جي هم شڪل ڪنوار، مداح دنگ رهجي ويا، سوشل ميڊيا تي تبصرا
بابر اعظم جي هم شڪل ڪنوار، مداح دنگ رهجي ويا، سوشل ميڊيا تي تبصرا

لاهور(اسپوٽس نيوز) بابر اعظم جي همشڪل ڪنوار ڏسندڙن کي دنگ ڪري ڇڏيو، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جي چهري سان هڪجهڙائي رکندڙ ڪنوار کي ڏسي سندس مداح دنگ رهجي ويا

سوشل ميڊيا تي هڪ ڪنوار جي تصوير گردش ڪري رهي آهي، جيڪا هو به هو بابر اعظم جهڙي نظر اچي رهي آهي.  پهرين خيال ڪيو پئي ويو ته شايد اِهي تصويرون اي آءِ جنريٽڊ آهن پر حقيقت ان جي ابتڙ نڪتي، ڇو ته اِهي ڀارت سان واسطو رکندڙ ناري جي شاديءَ جون تصويرون آهن

ڀارت جي هڪ ميڪ آرٽسٽ طرفان انسٽاگرام پيج ” فادا ميڪ اوور “ تي اپلوڊ ڪيل تصوير ۾ موجود ڪنوار جو نالو سرومي آهي، جڏهن ته اِهي تصوير سندس شادي جي موقعي تي ورتي وئي آهي

ڄاڻايل تصويرون پهرين جنوري تي پيج تي جاري ڪيون ويون جنهن بعد پوسٽ هٽائي وئي جڏهن ته ڪنوار جي لُڪ جي اسٽوري اڃا تائين اڪائونٽ تي موجود آهي. سوشل ميڊيا تي موجود ناري جي تصويرن تي واهپيدار دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن