حيدرآباد دکن( اسپورٽس نيوز) ) انگلش فاسٽ بالر مارڪ ووڊ چيو آهي ته حيدرآباد ٽيسٽ ۾ فتح بعد اسان ڀارت کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ڀارت خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ جي يادگار ڪاميابي ڀارت کي دٻاءُ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ فاسٽ بالر مارڪ ووڊ ميزبان هاڻ هڪ مختلف پلان سان ايندا، اسان انهن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.
فاسٽ بالر چيو ته اسان رڳو هڪ ميچ کٽي آهي ۽ سيريز ۾ اڃا چار ميچون باقي آهن، اسان ڀارت کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هڪ جنگ ٿيڻ واري آهي ۽ اسان هار نه مڃينداسين. هن چيو ته اسان لاءِ ڀارت کي سندس سرزمين تي هارائڻ تمام وڏي ڪاميابي آهي، ماڻهن کي پهريان اسان تي ٿورو شڪ هو پر اسان کي پنهنجي ٽيم تي سدائين ڀروسو هو. مارڪ ووڊ وڌيڪ چيو ته اسان ڄاڻو ٿا ته هڪ تمام وڏو ٽاسڪ آهي، پر ڪاميابي بعد اسان کي پتو پئجي ويو آهي ته اسان کٽي سگهون ٿا، خبر ناهي ايندڙ ميچن ۾ پچز ڪيئن هونديون، هنن هر قسم جي وڪيٽ ٺاهڻ جي صلاحيت موجود آهي.