بابري مسجد جي جاءِ تي رام مندر ٺهي ويو، مودي پاران افتتاح، اپوزيشن پارٽين ڊرامو قرار ڏئي ڇڏيو

0
96

نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر موڌي ايوڌيا ۾ بابري مسجد جي جاءِ تي اڏيل رام مندرجو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، هندو رسمن سان ڪيل افتتاح واري تقريب ۾ هندو پنڊتن، اسيمبلي ميمبرن، رانديگرن، شوبز شخصيتن سميت 7 هزار مهمانن شرڪت ڪئي

ڀارتي ميڊيا موجب نريندر مودي رام مندر ۾ 161 فوٽ ڊگھي گلابي پٿر جي عبادتگاهه تي هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهندڙ “ پران پرتيشٿا” دوران رام ليلا جي نئين مورتي جو مهورت ڪيو

مورتي جي مهورت واري تقريب سان افتتاحي تقريبن جي شروعات ٿي، تقريب کي خطاب ڪندي نريندر مودي چيو ته اڄ 22 جنوري صرف هڪ تاريخ نه پر نئين دور جي شروعات آهي. آئون هن تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ تي پاڻ کي خوشنصيب سمجھان ٿو

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو ته آئون ڀڳوان رام کان معافي گھران ٿو، اسان جي محبت ۽ تپسيا ۾ ڪا ڪوتاهي هئي جنهن جي ڪري رام مندر جي ٻيهر اڏاوت ۾ ايترا سال لڳي ويا، پر اڄ اهو خال ڀرجي ويو. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي وڌيڪ چيو ته آئين جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ به رام مندر جي حاصلات لاءِ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين قانوني جنگ وڙهي

آئون عدليا جو ٿورائتو آهيان جنهن انصاف فراهم ڪيو جنهن سان رام مندر جي اڏاوت کي قانوني تحفظ حاصل ٿيو. ٻئي پاسي ڀارت جي اپوزيشن جماعت ڪانگريس سميت ٻين پارٽين رام مندر جي افتتاح کي مودي جي چونڊن دوران هندو ووٽرز جي حمايت حاصل ڪرڻ جو ڊرامو ۽ سازش قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڪانگريس سميت ڪنهن به اپوزيشن جماعت هن تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي