نئين دهلي: ڀارتي سپريم ڪورٽ 2019ع ڪيترائي ڏهاڪا جاري رهندڙ قانوني جنگ ۾ مسلمانن خلاف فيصلو ڏيندي بابري مسجد جي جاءِ تي رام مندر ٺاهڻ جي اجازت ڏني هئي. ڀارتي سپريم ڪورٽ بابري مسجد جي جاءِ تي هڪ نئين مسجد ٺاهڻ لاءِ مسلمانن کي 5 ايڪڙ زمين به ڏني هئي، جنهن کي مسلمان اڳواڻن رد ڪندي چيو هو ته اسان کي 5 ايڪڙ زمين نه پر بابري مسجد واپس گھرجي.