بااثر ڀوتار ۽ ذڪر ڳجهي رپورٽ جو

0
404

شڪارپور ضلعو پوليس سميت هر کاتي جي ايندڙ نئين آفيسر لاءِ عجيب ۽ خوفناڪ انڪري به آهي جو هتان جي سياست تي بااثر ڀوتارن ۽ سگهارن سردارن جو دٻدٻو ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڌيڪ آهي. شڪارپور ضلعو جتي هاڻي ڪجهه به ناممڪن ڪونهي، ٻه ڏينهن اڳ سخت گرميءَ واري موسم ۾ موت جهڙي ماٺار ۾ جڏهن ماڻهو گهر تائين محدود هئا ته ميڊيا تي گردش ڪندڙ سنگين الزام ۽ انڪشافن سان ڀرپور هڪ خبر شڪارپور جي ماحول کي ويتر گرمائي ڇڏيو آهي. شڪارپور جي ويجهي ماضيءَ جي تاريخ ۾ هن ضلعي ۾ ايس ايس پي عارف حنيف کان ثناءَالله عباسيءَ تائين ۽ ڊاڪٽر رضوان کان ڪامران نواز پنجوٿا تائين مقرر ٿيل ايس ايس پيز اعليٰ اختيارين کي ضلعي جي سرگرم سياستدانن بابت مختلف وقتن تي ڳجهيون رپورٽون ۽ خط لکي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي.
ڏيڍ سال اڳ اڳوڻي ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽررضوان احمد جي جاري رپورٽ کانپوءِ شڪارپور مان تازو بدلي بعد اڳوڻي ايس ايس پي شڪارپور ڪامران نواز پنجوٿا جي ڳجهي رپورٽ ميڊيا ۾ بحث جو موضوع بڻيل آهي. ڪامران نواز پنجوٿا جي پڌري ٿيل ڳجهي رپورٽ جيڪا اخبارون ۾ ڇپجڻ کانپوءِ هاڻي ڳجهي نه رهي آهي تنهن جتي شڪارپور جي وڏن سياستدانن کي به ڪاوڙائي ڇڏيو آهي اتي اڳوڻي ايس ايس پي پاران تيار ڪيل ان رپورٽ جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ-ڪشمور، گهوٽڪي توڙي خيرپور جي ضلعن ۾ حڪومتي توڙي مخالف ڌر ۾ ويٺل ڊنگ سردارن ۽ سياستدان کي به نه صرف چيڙائي پر سندن هزارين حامين کي پڻ حيران ڪري ڇڏيو آهي.
اڳوڻي ايس ايس پي ڪامران نواز جي پڌري ٿيل رپورٽ جنهن ۾ نه رڳو شڪارپور پر اتر سنڌ جي ڪيترن ئي بااثر ۽ پري تائين پهچ رکندڙ سياسي شخصيتن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جيڪي سياسي مفادن خاطر مبينا طور قبيلائي تڪرارن جي سڌيءَ ريت سرپرستي ڪري رهيا هئا. ان ڳجهي رپورٽ ۾ پ پ پ ۽ جي ڊي اي جا ماڻهو به شامل آهن. رپورٽ ۾ اھو ظاهر ڪيو ويو آهي ته شڪارپور سان گڏ اتر سنڌ جي سرحدي ضلعي ڪنڌ ڪوٽ-ڪشمور ۾ 2012ع ۾ مينهن چوري واري مسئلي تان شروع ٿيل بجاراڻي-تيغاڻي خوني تڪرار ۾ تيغاڻين کي ايم پي اي امتياز احمد شيخ جي حمايت حاصل آهي جڏهن ته بجاراڻين جي حمايت ايم پي اي مير شبير خان بجاراڻي ڪري رهيو آهي. اهڙي طرح 2006 ع کان زمين جي مالڪيءَ تان شڪارپور ۾ هلندڙ مارفاڻي-قمبراڻي تڪرار جنهن ۾ سو جي لڳ ڀڳ جانيون ضايع ٿي ويون آهن ان جهيڙي ۾ قمبراڻين واري ڌر کي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني جڏهن ته مارفاڻين کي ايم اين اي مير عابد خان ڀيو ۽ سندس ڀاءُ بابل خان ڀيو جي حمايت حاصل آهي، جيڪي مارفاڻي برادري جا سردار پڻ آهن. ايس ايس پي پاران پوليس اعليٰ اختيارين کي لکيل رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته 2010ع ۾ شڪارپور ۾ زمين جي مالڪيءَ تان شروع اوڍا–خروس خوني ويڙهه ۾ اوڍن آغاسراج دراني جو پاسو ورتو جڏهن ته خروسن کي اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي ۽ سندس ڀاءُ اڳوڻي ايم پي اي مير عابد جتوئي جي حمايت حاصل آهي. اهڙي ريت 2018ع ۾ جيڪب آباد ۾ ھڪ ڳوٺ ۾ ٻارڙن جي ڪرڪيٽ راند کيڏڻ تان شروع ٿيل اوڍا-جکراڻي خوني تڪرار جي حوالي سان رپورٽ ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته اوڍن کي جيڪب آباد جي پ پ اڳواڻ سردار محمد پناهه اوڍو جي حمايت حاصل آهي ۽ ايم اين اي مير اعجاز خان جکراڻي جکراڻي برادري جي سڌي طرح مدد ڪري رهيو آهي. ٻئي اوڍا ۽ جکراڻي پيپلز پارٽي سان تعلق رکن ٿا.
ايس ايس پي پاران جاري ڪيل خطرناڪ رپورٽ موجب گهوٽڪي ضلعي ۾ شر-سيلرا خوني تڪرار 2007ع ۾ ڪچي جي زمين تي قبضي جي حوالي سان شروع ٿيو. شرن کي ايم اين اي خالد لنڊ جڏهن ته سيلرن کي ايم پي اي علي گوهر خان مهر جي حمايت آهي. ضلعي گهوٽڪي ۾ پتافي ـ گڏاڻي خوني تڪرار زمين جي ٽڪري جي وڪري تان شروع ٿيو. پتافين جي حمايت ايم پي اي عبدالباري پتافي ڪري رهيو آهي جڏهن ته گڏاڻين کي اڳوڻي ايم اين اي علي گوهر خان مهر جي حمايت حاصل آهي. خيرپور ضلعي ۾ ڪناسرا – پتافي جهيڙو 2014ع ۾ شروع ٿيو جڏهن پتافي برادري جي هڪ نوجوان ڇوڪرو ڪناسرا برادري جي زمينن ۾ داخل ٿيو.ڪناسرا، ايم پي اي راشد شاهه راشدي جي حمايت حاصل ڪن ٿا، جڏهن ته پتافي ايم پي اي عبدالباري پتافي جي سهاري ھيٺ آهن. خيرپور ضلعي ۾ ناريجو-ڀُٽا خوني تڪرار ٻن پوليس اهلڪارن جي قتل ۽ هڪ مقابلي ۾ ناريجا برادري سان تعلق رکندڙ هڪ ڌاڙيل جي مارجي وڃڻ کانپوءِ ٿيو. مارجي ويل ملزم جي مائٽن “بدلو” ورتو ۽ ڀٽا برادري سان واسطو رکندڙ هڪ پوليس اهلڪار تي فائرنگ ڪئي. ايس ايس پي رپورٽ ۾ چيو ته ناريجا پ پ ايم پي اي سيد جاويد شاهه جيلاني جي حمايت ڪن ٿا جڏهن ته ڀٽن کي اڳوڻي وزيراعليٰ سنڌ جي نياڻي ايم اين اي نفيسه شاھ جي حمايت حاصل آهي. سينئر پوليس آفيسر پنهنجي رپورٽ ۾ اهو به لکيو آهي ته سنڌ جا اتر وارا ضلعا قبيلائي رتوڇاڻ سبب بدامنيءَ جي ور چڙهيل آهن جتي سياستدان نٿا چاهين ته امن امان هجي، امن هوندو ته جهيڙن جا ستايل ماڻهو سندن اوطاقن تي حاضريون ڪونه ڀريندا، پر ايئن به ناهي ته اهو سڀ ڪجهه ناممڪن آهي، ذڪر ڪيل ضلعن ۾ خوني قبائلي تڪرار ختم ٿي سگهن ٿا جيڪڏهن انهن مان سياست ڪندڙ بااثر شخصيتون قبائلي تڪرارن جي خاتمي توڙي برادرين جي فيصلن جو  حل ڪڍن ته امن امان ٿي سگهي ٿو. شڪارپور ضلعي ۾ ايس ايس پي طور ڊيوٽي ڪري تازو بدلي ٿيل ڪامران نواز ڪو شڪارپور جو پهرين ايس ايس پي ناهي جنهن اهڙي رپورٽ جاري ڪئي هجي پر ان کان پهريان به قبيلائي رتوڇاڻ جي مرڪز طور نئون تعارف پيش ڪندڙ شڪارپور ضلعي جا ٻيا ايس ايس پيز به اهڙيون خطرناڪ رپوٽون پيش ڪندا رهيا آهن ته اتر سنڌ جي شڪارپور، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ-ڪشمور، گهوٽڪي توڙي خيرپور ضلعن ۾ گهڻي ڀاڱي ڏوهاري ۽ سندن پشت پناهي ڪندڙ بااثر وڏيرا ۽ سردار ئي رهيا آهن.
ڪامران نواز پنجوٿا کان پهريان شڪارپور ۾ مقرر ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان پڻ ڳجهي طرح اختيارين کي لکيل رپورٽ ۾ خطرناڪ انڪشاف ڪيا هئا ته هتان جا ايم پي اي، ايم اين اي ۽ سردار ڏوهارين جي پٺڀرائي ۽ ڀرپور مالڪي ڪن ٿا، ڪو ڏوهاري گرفتار ڪريون ٿا ته ٿاڻي تي ايم پي اي يا ايم اين اي جي فون اڳ ئي پهچي ٿي وڃي. ساڳي ريت جيڪڏهن تازو بدلي ٿيل ڪامران نواز پنجوٿا پاران جاري ڪيل ان ڳجهي رپورٽ جي روشني ۾ ڏسجي ته اتر سنڌ جي انهن ضلعن ۾ سالن کان سرداري نظام جي ڇٽيءَ هيٺ پلجندڙ ماضي واري شاندار سڃاڻپ رکندڙ اتر سنڌ جي انهن 5 ضلعن شڪارپور، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ-ڪشمور، گهوٽڪي ۽ خيرپور جي هاڻوڪي شڪل ڏسون ٿا ته خوف وڪوڙي وڃي ٿو،
ايس ايس پي ڪامران نواز ته اهو به چيو ته ڏوهارين جي سرپرستي ۾ سردارن سان گڏ صحافين جو به هٿ آهي. ضلعي جا سرگرم سياسي ڀوتار جنهن کي به غير انساني ڪاروبار ڪرڻو آهي منشيات ۽ جوا جا اڏا هلائڻا آهن، اُهي مختلف لالچون ڏئي صحافي رکي ڇڏين ٿا جيڪي ان قسم جي واقعن کي رپورٽ ڪرڻ بدران لڪائي ڇڏين ٿا ۽ پوءِ جڏهن ڪنهن جوابدار کي گرفتار ڪجي ٿو ته اُهي مداخلت ڪن ٿا. اهڙي طرح ڪو ڏوهاري گرفتار ڪريون ٿا ته ايم پي ايز، ايم اين ايز، چونڊيل نمائندن ۽ سردارن جا فون اچي وڃن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ پوليس اهلڪار ۽ آفيسر ڊڄندا رهن ٿا.
اڳوڻي ايس ايس پي جي رپورٽ ۾ڪيل انهن خطرناڪ انڪشافن کان پوءِ شڪارپور جي ڀين، جتوئين، شيخن، درانين سان گڏ جيڪب آباد جي جکراڻين، ڪرمپور جي بجاراڻين،  ضلعن اندر مضبوط ٻين ڪيترن سياسي هائوسن تان وضاحتي بيان اچڻ شروع ٿي ويا آهن. ايس ايس پي جي ڪيل ڳالهين کانپوءِ ذڪر ڪيل انهن پنجن ئي ضلعن جي سياست تي سالن کان قابض سردارن ۽ سندن گهڻو ويجهو رهندڙ حلقن ۾ ڪاوڙ سان گڏ اها پريشاني به اخباري بيانن جي صورت ۾ صاف ڏسي سگهجي ٿي جن ۾ بظاهر ته ايس پي صاحب پاران ڏهارين جي پٺڀرائي واري ڪيل ڳالهه جي وضاحت ۽ پنهنجو موقف پيش ڪيو پيو وڃي پر چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته ايس پي جي ان بيان تي پنجن ئي ضلعن جي حڪومتي توڙي اپوزيشن ۾ ليکيون ويندڙ اڪثر ڌرين توڙي پري تائين پهچ رکندڙ بااثر ڀوتارن به اڻ سڌي طرح ۽ اندروني طور ان اڳوڻي ايس پي جون شڪايتون مٿي سطح تي ڪيون آهن.
ضلعي جا ڪجهه جهونا سياسي نبض شناس ته اهو به چون ٿا ته ايس ايس پي جي ڳجهي رپورٽ ۽ رکيل سخت موقف جو نتيجو تمام جلد سندس ترديد واري بيان جي صورت ۾ به سامهون اچڻ واري امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته گذريل چئن ڏهاڪن کان نه صرف شڪارپور پر ڪنڌڪوٽ-ڪشمور، جيڪب آباد، ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ بااثر ڀوتارن ۽ سردارن جون پاڙون گهڻيون پختيون آهن ثبوت هجڻ باجود انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ته ٺهيو پر انهن بابت خالي اظهار جو نتيجو سندن تڪڙين بدلين يا ضلعي بدرين جي صورت ۾ سامهو ايندو رهيو آهي. شڪارپور جي ماڻهن کان اڳوڻن ايس ايس پيز عارف حنيف خان ۽ ثناءَالله عباسي جهڙن ساک رکندڙ آفيسرن جون ٿيل بدليون ۽ ڪيل اعتراف اڃان ناهن وسريا. انهن بدلين ۽ انڪشافن واري مثال کي سامهون رکندي تازو بدليءَ ٿيل ايس ايس پي ڪامران نواز جي رپورٽ کانپوءِ سندس ترديد واري بيان جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي بهرحال ڏسڻو اهو آهي ته اها صورتحال ڪٿي ٿي دنگ ڪري.