هاءِ ڪورٽ جوفيصلو۽ متاثر اميدوارن جو مستقبل

0
395

سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڀرتين ۾ گڙ ٻڙ چئي پوري اداري کي عملي طور تي معطل ڪري ڇڏيو آهي.ان سان گڏفاضل عدالت 2018ع جي مقابلي واري امتحان ۽ ڊاڪٽرن جي ڀرتين کي پڻ رد ڪري ڇڏيو آهي. انهي فيصلي سان فوري طور تي ٻه هزار کان وڌيڪ ڀرتي ٿيل آفيسرفارغ ٿي ويا آهن. جن ۾ 235 مقابلي جي امتحان ۾ پاس ٿيل 193 اسسٽنٽ ڪمشنر، 15 ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن آفيسر، 10 اسسٽنٽ رجسٽرارڪوآپريٽو، ڊي ايف سيز، سان گڏ هڪ هزار 783 ڊاڪٽر به شامل آهن. عدالت سڳوري ضابطي جي خلاف ورزي ڄاڻائي پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن کي به هٽائي ڇڏيو آهي.
ان سان گڏ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ايڪٽ مجريه 1989ع سان متصادم قرار ڏئي ڪميشن کي ايڪٽ 1989ع تي وڌيڪ عمل ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو آهي. اهو فيصلو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ اميدوار جي داخل ڪيل درخواست تي ڏنو ويو آهي. سندس استدعا هئي ته هن 2018ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڊاڪٽري واري تحريري امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. کيس انٽرويو ۾ فيل ڪيو ويو. سندس موقف هو ته جيڪڏهن انٽرويو جي بنياد تي ڀرتي ڪرڻ ميرٽ آهي ته پوءِ انهن اميدوارن کي ترجيح ڏني وڃي ها جن تحريري پهرين ئي امتحان پاس ڪيو هو. تنهن ڪري صرف انٽرويو جي بنياد تي ڀرتيون ڪرڻ ميرٽ جي خلاف هو. سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته ڪميشن جي چيئرمن ۽ ميمبرن جي تقرري جا اختيار جيڪي 2017 جي رولز آف ڪميشن 2017 جي اختيارن سان متصادم آهن، جنهن تحت پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرري جا اختيار گورنر سنڌ کان واپس وٺي وزيراعليٰ کي ڏنا ويا هئا ۽ سنڌ واحد صوبو آهي جنهن جي ڪميشن جي ميمبرن ۽ چيئرمن جي مقرري جا مذڪوره اختيار گورنر جي بجاءِ وزير اعليٰ سنڌ وٽ آهن. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ اهو به چيو آهي ته ڪميشن ۾ شفافيت جي لاءِ قانون سازي جي حوالي سان آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جهڙن ترقي يافته ملڪن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مقررين واري فيصلي جي متاثرن کي ذاتي طور تي سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جو حق ڏنو ويو آهي ته هو اهو حق استعمال ڪري سگھن ٿا.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هن فيصلي کانپوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي طرفان تازوسوين مختلف پوسٽن لاءِ آيل اشتهار ۽ انهن جي ڀرتي جو عمل به تعطل جو شڪار ٿي ويو آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ترقي يافته ملڪن جي ڪميشن جهڙو بنائڻ واري حڪم کانپوءِ نه ڄاڻ ڪيترو وقت ان ڪم ۾ لڳندو. ڪيترو وقت هي اهم ادارو معطل رهندوڪابه خبر نه آهي. هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو سسٽم بهتر نه هجڻ ۽ معاملا مينئول طريقي سان هلائڻ جي نشاندهي ڪرڻ سٺو عمل آهي ۽ ان ۾ بهتري ۽ شفافيت هجڻ تمام ضروري آهي. پر سڪن سان گڏ ساوا به ساڙي ڇڏڻ وارو فيصلو، انصاف واري عدالت طرفان اچڻ يقينن غير متوقع آهي.ان کان پهرين به مقابلي جي امتحانن ۾ ڪميشن جي ميمبرن،چيئرمن توڙي آفيسرن جي خاندانن جي فردن جي چونڊجڻ تي اعتراض ٿيندا رهيا آهن. انهن سفارشي نالن جو تعداد هڪ کان ڏيڊ درجن کان وڌيڪ نه رهيو آهي.ان سان گڏ ٻين ڪامياب ٿيندڙن توڙي اهل ۽ ميرٽ تي ڪامياب ٿيندڙن جاتفصيل سوشل ميڊيا ۽ اخبارن ۾ به ايندا رهيا آهن. جيڪي پنهنجي محنت سان ڪامياب ٿيندا رهيا آهن. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪندڙن ۾ ڪيترائي اميدوار سي ايس ايس ۽ ٻيا محڪماتي امتحانن ۾ ڪامياب ٿيل هوندا آهن.ڪميشن جي امتحان پاس ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي، ۽ سفارش تي ڪيترا بااثر اميدوار هوندا جن جي ڪميشن جي ميمبرن تائين رسائي هوندي؟ ان جو به تفصيل ڄاڻڻ جي ضرورت آهي. ته ڪيترا هيٺين ۽ وچولي طبقي جا تعليم يافته اميدوار اهڙن امتحانن ۾ پاس ٿين ٿا. اڄ به گھڻائي اهڙن امتحانن ۾ ميرٽ تي پاس ٿيندڙن جي آهي.
ان جو هڪ مثال 2013ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو مقابلي وارو امتحان آهي، جنهن امتحان ۾ 227 اميدوارن مختلف عهدن لاءِ ڪاميابي ماڻي هئي. جن ۾ به گھڻائي هيٺين ۽ وچولي طبقي جي اميدوارن جي هئي. ان امتحان جي نتيجن کي به پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سوموٽو نوٽيس وٺي انهي مقابلي واري امتحان کي رد ڪري ڇڏيو هو. متاثر اميدوارن جو ڪيس ملڪ جي نامياري قانوندان عاصمه جهانگير وڙهيو هو، کيس هڪ مرحلي تي اهو چوڻو پيو هوته سنڌ جي پاس ٿيل نوجوانن سان ايتري زيادتي نه ڪريو.ڪجهه مهينا ڪيس هلائڻ کانپوءِ عزت ماب ججن اميرمسلم هاني ۽ قاضي فائز عيسيٰ طرفان مقابلي جو امتحان ٻيهروٺڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو.جيڪو امتحان ٻيهر ورتو ويو ۽ انهي ٻيو دفعو ورتل امتحان جي ڪامياب ٿيندڙن جون مقرريون2017ع ڪيون ويون. سندن زندگي جا 4 سال ضايع ڪيا ويا. انهي فيصلي ۾ اهو به لکيو ويو هو ته امتحان ۾ بي قائدگين کانسواءِ تنهن وقت جي ڪميشن جو چيئرمن ۽ ميمبر نااهل آهن پر انهن جي سزا يا معطلي جو ڪوبه فيصلو نه ڪيو ويو،ان جي سزا اميدوارن کان ٻيهر امتحان وٺي ڏني وئي. تنهن وقت جي سول سوسائٽي جا وڪيل ۽ دانشور ڪالمسٽ ان پاڻ مرادو ورتل نوٽيس واري فيصلي جا حمايتي هئا.
اڄ ٻيهر اٺن سالن کان پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آيل هن فيصلي جنهن جي نتيجي ۾ خاص طور تي مقابلي جي امتحان ۾ ميرٽ تي پاس ٿيلن جي گھڻائي آهي، جو مستقبل غير يقيني بڻجي ويو آهي. ڇا پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي سپريم ڪورٽ کين انصاف ڏيندي يا هڪ دفعو ٻيهر ساڳيو 2013ع جيان فيصلو ڏئي کانئن ٻيهرامتحان ورتو ويندو ۽ اهو به واضع ڪندي ته ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبن کي اهو اختيار آهي ته پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمن ۽ ميمبرن جي مقرري جا اختيار گورنر کان وزير اعليٰ کي منتقل ٿي سگهن ٿا. پر افسوس آهي ته هن ملڪ ۾ سڀني ادارن جا چيف صرف ميڊيا جي هيڊلائينز ۾ پاڻ کي ڏسي خوش ٿيندا رهن ٿا، پر تاريخ جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار نه آهن.