نئون موڙ، نئين آزمائش!

0
431

سنڌ جي قومي تحريڪ اڄ هڪ نئين موڙ تي پهچي رهي آهي، جيڪو سڀني لاءِ ڪٺن آزمائش جو ميدان به ثابت ٿي سگھي ٿي. جون جي سخت گرميءَ ۾ بحريه ٽائون ڪراچيءَ جي گيٽ تي گڏ ٿيڻ جو جذبو به گرم لڳو پيو آهي. جنهن کي ٿڌو ڪرڻ يا ڪنهن غلط رخ ڏانهن موڙڻ جي منصوبا بندي به ٿي رهي آهي، جنهن کي ناڪام ڪرڻ ۽ ڪا خاطر خواهه ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ هوش، جوش ۽ عقل سان پرعزم پرامن مزاحمتي جدوجهد جو وڏو مچ مچائڻو پوندو.
سنڌ ايڪشن ڪاميٽيءَ جي پليٽ فارم تان قومي تحريڪ سنڌ جي ٻيٽن جي وڪري ۽ نيلاميءَ کي روڪرائڻ ۾ تازي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، تنهن جي حصي ۾ ٻي ڪاميابي نه اچي تنهن لاءِ ضرور ته ڪا منصوبا بندي جڙي هوندي جنهن کي اجتماعي مزاحمت جي سگھه سان ناڪام بڻائي سگھجي ٿو. سنڌي قومي تحريڪ کي تين وال ڪرڻ جو هنن کي ڪافي تجربو آهي، وڏو سرمايو آهي ۽ رياستي مشينريءَ جي ٽيڪ آهي پر ڪڏهن ڪڏهن اثاثا ئي عذاب جو ڪارڻ بڻجي پوندا آهن.
بحريا ٽائون جي توسيع لاءِ جڏهن گبولن ۽ جوکين خلاف ان رياستي مشينريءَ جو استعمال ڪيو ويو ته اهو طاقت جو بيرحماڻو استعمال ئي سڄي سنڌ کي جاڳائڻ جو ذريعو بڻيو، جڏهن طاقت جو سڌو استعمال ابتا نتيجا ڏيندو آهي تڏهن وري سازش جا ڄار وڇايا ويندا آهن يا طاقت جو استعمال اڃان وڌيڪ شدت ۽ بيرحميءَ سان ڪيو ويندو آهي. اسان جي تحريڪ جيترو ڪاميابيءَ طرف وک وڌائيندي ان جي پيش قدمي روڪڻ جا به اوترائي سانباها ڪيا ويندا. جيترو سولائيءَ سان اسان کي سامونڊي ٻيٽن جي وڪري کي روڪڻ ۾ ڪاميابي ٿي آهي، هتي معاملو ايترو سولو ناهي. ڪراچيءَ ۾ ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽيءَ طرفان لڳايل ڌرڻو تحريڪ جو جھڙوڪر نقطئه انجام هو، جڏهن ته آچر 6 جون تي سنڌ جي سرزمين تي وڌندڙ والار خلاف ڌرڻو هن تحريڪ جو نقطئه آغاز آهي.
ڪراچي، حيدرآباد سپر هاءِ وي 1980ع ۾ئي قومي تحريڪ جي ايجنڊا تي اچي چڪو هو، جڏهن نوري آباد ۾ انڊسٽريل ايريا قائم ڪرڻ جو اعلان ٿيو هو، تڏهن پنجاب سنڌ کي بيٺڪيت بڻائڻ جي پاليسيءَ تي عمل پيرا هو، جڏهن ته هاڻي پنجاب سنڌ تي سڌي والار سان گڏوگڏ جديد بيٺڪيت بڻائي رکڻ جي پاليسيءَ تي عمل پيرا آهي. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هئا ۽ سپر هاءِ وي جون زمينون ڪراچيءَ جي صنعتڪارن ڀڳڙن مٺ ۾ پئي خريد ڪيون. تڏهن ڪوٽڙيءَ کان ڪراچيءَ تائين صنعت ۽ صنعتي ڪالونين جو ڄار وڇائي ڏکڻ سنڌکي پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ جي منصوبا بنديءَ تي عمل ڪيو پئي ويو، جنهن ڪري اسان نوري آباد انڊسٽريل ايريا جي منصوبي خلاف تحريڪ شروع ڪئي هئي. ان وقت اسان ڪراچيءَ ۾ اڃان قدم پئي رکيا ۽ قومي تحريڪ جي سرواڻي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، جيئي سنڌ محاذ ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ٿي ڪئي. ينگ سنڌي انجنيئرس ۽ سنڌي ميڊيڪوز ان جي طاقت جا سرچشما هئا. قومي تحريڪ وٽ قطعن اها سگھه نه هئي جو اها نوري آباد انڊسٽريل ايريا جي منصوبي کي روڪائي سگھي ها. ان وقت اسان نوري آباد منصوبي بجاءِ پنوعاقل ڇانوڻيءَ جي منصوبي خلاف مهم ته زور شور سان هلائي هئي پر انهن کي روڪڻ جي سگھه اسان وٽ ڪونه هئي. جنهن ڪري پنو عاقل ڇانوڻي ته جڙي وئي پر نوري آباد جو منصوبو پنجاب پاڻ ترڪ ڪري سنڌ بدران پنجاب ۾ صنعتن جو ڄار وڇائڻ جي منصوبي تي عمل شروع ڪيو. پوءِ توهان ڏٺو ته ڪيئن سنڌ دهشتگردن ۽ ڌاڙيلن جي حوالي ٿي ۽ ڪيئن سرمايو ڪراچيءَ سان پنجاب منتقل ٿيڻ لڳو ۽ پنجاب زرعي صوبو هاڻ جھڙوڪر صنعتي بڻجي ويو آهي ۽ باقي صوبا ان جون ڪالونيون ۽ جديد بيٺڪيتون بڻجي ويون آهن.
جديد بيٺڪيت ۾ ديسي دلال جي اهميت ۽ ڪردار وڌي ويندو آهي، جنهن پيپلز پارٽيءَ کي ڪڏهن پنج سال به حڪومت ڪرڻ نه ڏني وئي سا 12 سالن کان سنڌ جي ديسي حڪمران بڻيل آهي. اهو ڇا آصف زرداريءَ جي عياري، ۽ چالاڪيءَ جو ڪمال آهي؟ هو چاهين ٿا ته اسان ان ئي واهمي جو شڪار ٿيون ۽ هو پيا مزا ماڻين ۽ مزي سان اسان جي ڌرتي، درياهه ۽ سمنڊ تي والار ڪندا وڃن.
اسان کي سمجھڻو پوندو ته زرداري ۽ ملڪ خود به مهرا آهن نه ڪي مالڪ. هو مهرا مٽائيندي به دير ناهن ڪندا، اسان جي نظر مالڪن ۽ انهن جي حڪمت عملين تي هئڻ بيحد ضروري آهي. سڄو جھيڙو بظاهر ملڪيت جي مالڪيءَ جو آهي پر جيڪا سنڌ هنن لاءِ ملڪيت آهي اُها اسان لاءِ ماءُ جو درجو رکي ٿي، اهائي اُها حقيقت آهي جيڪا اسان کي فتح سان همڪنار ڪرائي سگھي ٿي. پنجاب جي جديد بيٺڪيتي منصوبي ۾ ڏکڻ سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽيءَ تي مستقل قبضو برقرار رکڻ سندن پاليسيءَ جو مرڪزي نقطو آهي ۽ هو ڄاڻن ٿا ته اهو قبضو اها والار سنڌ جي ديسي دلالن جي مدد کان بنا ممڪن ڪونهي، تنهن ڪري هو انهن کي مڪمل رياستي مشينري ۽ سرمائي جي سگھه مهيا ڪري رهيا آهن. اسان کي تحريڪ جي آغاز ۾ ئي سمجھڻو پوندو ته اسان جو اصل مدمقابل ڪير آهي. ڪير آڏو آهي ۽ ڪير پردي جي پويان ويهي مهرن کي کيڏائي رهيو آهي، انهن جي ڪهڙي سگھه آهي ۽ سڀ کان اهم ته انهن جون ڪهڙيون ڪمزور رڳون آهن جن کي تباهه ڪري کين شڪست ڏئي سگھجي ٿي.
اسان جي سڀ کان وڏي سگھه اها آهي ته اسين ڌرتيءَ ڌڻي آهيون ۽ پنهنجي اجتماعي سگھه جو شعور رکون ٿا. هنن جي سڀ کان وڏي سگھه رياستي مشينري ۽ ملڪي، غير ملڪي سرمايو آهي. هنن جي ڪمزور ترين رڳ اها آهي ته هو غاصب، حاسد ۽ لالچي آهن.، هو جيترو طاقتور هجڻ جو ڏيک ڏين ٿا، هو ايترا طاقتور آهن ڪونه، هو جنهن قلعي ۾ ويٺا آهن
ان جا بنياد کوکلا ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي وتن ٿا در در جون ٺوڪرون کائيندا ته اسان کي بچايو پر ٻاهريون ڏيک اهو ٿا ڏين ته هو ناقابل تسخير آهن ۽ هاڻي ته اهو ڏيک ڏيڻ ۾ به ناڪام ٿي رهيا آهن. هو پنهنجن ڪمزورين کي لڪائڻ لاءِ وري وري پيا اسان جي ڪمزورين جو فائدو وٺندا پر اسان کي خبردار رهڻو آهي ته اسان جي قومي ٻڌي ۽ مزاحمتي سگھه ئي اسان جي ڪاميابيءَ جي ضامن آهي. اسان کي پنهنجي ڪمزورين تي قابو پائڻو آهي، پنهنجي صفن کي مضبوط، منظم ۽ وسيع ڪرڻو آهي ۽ انهن جي صفن ۾ ٽاڪوڙو وجھڻو آهي.
اسان کي سمجھڻو پوندو ته هن جدوجهد ۾ اسان کي يڪ ساهيءَ سان ڪاميابي نه ملندي پر ڏاڪي به ڏاڪي ڪاميابيءَ ڏانهن قدم وڌائڻا پوندا. تڪڙي ڪاميابيءَ جي اميد ۽ ڪوشش اسان کي ناڪاميءَ جي ڪُن ۾ ڦاسائي سگھي ٿي. هنن جو قبضي ۽ والار ۽ توسيع جو ڪم ستر سالن کان جاري آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ پهرين مرحلي ۾ انهن جي پيش قدمي ۽ توسيع کي لغام ڏيڻ جو ٽارگيٽ رکڻو پوندو ۽ اهو ڪو معمولي ٽارگيٽ ناهي. ان لاءِ به اسان کي سڄي سنڌ جي مزاحمتي سگھه کي منظم ڪرڻو پوندو ۽ مستقل مزاجيءَ سان مرحليوار جدوجهد جي تياري ڪرڻي آهي ۽ سڀني جا حوصلا بلند رکڻا آهن.
سڀ کان خوش آئنده ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي قومي تحريڪ هاڻي نئين عوامي سگھه ماڻي رهي آهي. سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي ۽ وڪري خلاف تحريڪ ۾ اسان کي عوام جي اخلاقي حمايت ته ملي هئي پر اها ڀرپور سرگرمي ۽ شرڪت نظر نٿي اچي جيڪا هن ڀيري نظر اچي رهي آهي. عوام جي شرڪت ۽ مزاحمتي سگھه جيتري سگھاري ٿيندي ڪاميابيءَ جا امڪان به اوترا ئي چٽا ۽ روشن ٿيندا.
هيءَ سنڌ جي شعور ۽ مزاحمتي سگھه جي امتحان جي گھڙي به آهي. وقت ۽ حالتون اسان جي پاسي آهن، هو عروج کان زوال طرف وڌي رهيا آهن ۽ اسين ناڪامين جي جهان مان نڪري نئين اميد، نئين مستقبل، روشن مستقبل طرف وڌي رهيا آهيون. اسان کي وهمن، وسوسن ۽ خدشن جو شڪار ٿي پنهنجي ناڪاميءَ کي دعوت ڏيڻ بدران پنهنجي ماضيءَ جي ناڪامين ۽ غلطين مان سکي نئين اعتماد سان اڳتي وڌي فتح ۽ ڪامرانيءَ جا قدم چمڻا آهن. هيءَ ڌرتي اسان جي آهي، سنڌو ندي اسان جي آهي، سنڌ ۽ سمنڊ اسان جو آهي پر ان تي اختيار ۽ مالڪي اسان جي ناهي ۽ اها اسان کي هر حال ۾ واپس ورائڻي آهي ۽ اسين واپس ورائي رهنداسين، ان عزم ان اعتماد سان اسان جدوجهد جي ميدان ۾ لهنداسين ته فتح اسان جي ٿيندي، يقينن ٿيندي. اسان کي هاڻي شڪستن ۽ شهادتن جي سلسلي کي لغام ڏيڻو آهي ۽ فتح ڏانهن، هڪ شاندار فتح ڏانهن قدم وڌائڻا آهن. اسان کي پنهنجو پاڻ کي، سنڌ تي، سنڌوءَ جي رگ ويد جي راويءَ جھڙو اعتماد قائم ڪرڻو پوندو جيڪو چوي ٿو ته:
“سنڌو،
جنهن تي ڪوئي سوڀ ماڻي نه سگھيو آهي،
سا هن ڊوڙ ۾ اسان کي،
سوڀ سان همڪنار ڪرائي سگھي ٿي.”
سنڌ ۽ سنڌوءَ جي سرڪشيءَ کي ڪوئي مات ڏئي نٿو سگھي. سرڪش سنڌو سرڪش روحن جي آبياري ڪالهه به ڪئي هئي، اڄ به ڪري رهي آهي ۽ سڀاڻي به ڪندي رهندي. سنڌو سرڪش روحن جي جنم داتا آهي،، سنڌو سرڪش روحن جي جنم جنم جي جيون ساٿي آهي ۽ نه وساريو ته سرڪش روح ڪڏهن به مرندا ناهن، ها وقتي طور منظر تان غائب ضرور ٿي ويندا آهن. جولس فوچڪ چواڻي: زير زمين هليا ويندا آهن، ڄڻ مري کپي ويا هجن پر هو ته ٻج جيان زمين دوز ٿي ويندا آهن، ٻج! جنهن مان نئون سلو ڦٽندو آهي ۽ بنجر زمين کي زرخيز ڪندو آهي. بس ايئن ئي سنڌو هر جُڳ ۾ سرڪش روحن کي نئون جيون، نئين سگھه بخشيندو آهي. سنڌ ۽ سنڌوءَ جي سرڪش روح جي نئين جيون ۽ نئين سگھه جو پهريون اظهار آهي 6 جون جي تحريڪ.